Thursday, August 20, 2020

سنڌيت جو پرچاري تخليق ڪار علي بابا هوش محمد ڀٽي

 


سنڌيت جو پرچاري تخليق ڪار علي بابا

 هوش محمد ڀٽي

مونکي علي بابا سان ملڻ جو  ڪڏهن موقعو نه مليو آهي بس هڪ دفعو مون کيس سن جي اسٽيج تي ڏٺو هو. ان کان اڳ مون علي بابا جون ڪهاڻيون ۽ ناول ”موهن جو دڙو“  ۽ ٻارن لاءِ لکيل ناول ”سنڌ باد جو سفر“ پڙهي چڪو هئس. باقي  سندس ڊرامن تائين اڄ سڌو رسائي نه ٿي سگهي آهي، نه ئي ڪو موقعو مليو اٿم ته ڪٿي ڏسي وٺان. جڏهن مون علي بابا کي پهريون دفعو ڏٺو هو ته هن ۾ مون کي ان جا سڀ ڪردار جهلڪندا نظر آيا هئا. هو سنڌي ڏند ڪٿا جو ڪو شاندار ڪردار ۽ پرسرار شخص لڳي رهيو هو. علي بابا ۾ سندس ڪردارن جا روپ ڏسي مان حيران هيس/آهيان. رند قبيلي سان تعلق رکندڙ علي بابا مون کي شاهه سائين واري رندن جهڙو لڳندو آهي جئين شاهه سائين چيو آهي ته ”رند پرڙوين راز…“ ها علي بابا ۾ سنڌ جي ڏکن سورن ۽ تاريخي ويساگهاتين جا ڪيترائي الميا لڪل آهن انهن ڳجهن کي پروڙري هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ آڻي چڪو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي هڪ وڏي عالم ۽ تاريخ نويس پير حسام الدين راشدي  علي بابا کي ”سنڌ جي تاريخي عظمت بيان ڪندڙ ڪهاڻيڪار سڏيو آهي.“

 علي بابا ڪيترن ئي جاين تي لکي چڪو آهي ته هن لکڻ جي شروعات ننڍڙي عمر ۾ ڪئي. ڪجهه نه ڪجهه لکي وري ڦاڙي اچلائي ڇڏيندڙ سنڌي ادب جو هي عظيم ڪردار سنڌي ادب ۾ بڙ جي وڻ جيڏي جاءِ ٺاهي ويندو اهو ته سندس سوچ ۾ به نه هوندو.  ڪچي عمر ۾ لکڻ جي مشق علي بابا کان مضبوط ڪردارن واري تخليقن کي جنم ڏياريندي. ڪنهن ڇوڪري کي مئٽرڪ جي امتحان جي هال  ۾ بجو ڏيڻ  تان ٻاهر ڪڍيل علي بابا مئٽرڪ فيل هجڻ ڪري ڪا سڻڀي نوڪري حاصل نه ڪري سگهيو. علي بابا زندگيءَ ۾ ٻه نوڪريون ڪيون.هڪڙي ريلوي کاتي ۾ ڪلارڪي ۽ ٻئي ڪپڙي جي ڪارخاني ۾ مئينجري، جيڪي به گهڻو وقت نه هليون. سال ڪلارڪي ۽ چار سال مئينجري ۾ گذارڻ کان پوءِ علي بابا جي پيٽ گذر جو واحد ذريعو لکڻ ئي وڃي رهيو.
 سنڌ ڌرتيءَ جو هي رولاڪ البيلو اديب ادبي ميڙاڪن ۾ غائب رهندو آهي، مشڪل سان ئي ڪٿي ديدار نصيب ٿيندو آهي. علي بابا جي باقاعده لکڻ جو سال 1965ع آهي جڏهن سندس شروعاتي ڪهاڻيون ”نئين زندگي“ رسالي ۾ ڇپيون. علي بابا جي تخليقن ۾ توهان کي صرف سنڌ، سنڌيءَ ٻوليءَ ۽ ڪردار به سنڌي نظر ايندا. سندس تخليقن ۾ خيالي دنيا کان حقيقت وڌيڪ آهي، ماحول ۽ منظر به سنڌ جا چٽيا اٿس.

 سنڌ ادب جي هن يگاني مزدور علي بابا  پنهنجي قلمي پورهئي مان ٽي سؤ ڪهاڻيون ۽ هڪ سؤ ڊراما ڏئي چڪو آهي. ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ ڪيترائي ٽيلي ناٽڪ، فلم اسٽوريون به لکيا اٿس. علي بابا جي بهترين ڊرامه نويس جي قابليت تڏهن سامهون آئي جڏهن سندس ڊرامي ”دنگي منجهه درياهه“ کي جرمني جي شهر ميونخ ۾ ڊرامن جي عالمي ميلي ۾ ٽيون نمبر قرار ڏي انعام ڏنو ويو.  انهيءَ ميلي ۾ 97 ملڪن حصو ورتو. ”دنگي منجهه درياهه“ ڊرامو سنڌو درياهه جي مهاڻن جي زندگيءَ تي لکيل آهي جنهن جيجي زرينه ڪردار ادا ڪيو هو. ڊرامي ۾ مهاڻن جو درياهي ٺيڪيدار سان جهيڙو ٿئي ٿو ۽ مهاڻن سان جيڪي مسئلا درپيش اچن ٿا انهن کي اٿاريو ويو آهي. ”دنگي منجهه درياهه“ ناٽڪ جي لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته اهو ناٽڪ ڏسڻ کان پوءِ درياهن تي ٺيڪيداري نظام کي ختم ڪرايو.  علي بابا جو ٻيو اهم ناٽڪ ”رقص حيات“ آهي، جيڪو موهن جي دڙي جي  ناچڻي جي زندگيءَ تي آهي. ان کان علاوه سندس  ٻالي شاهي، موکي متارا، مومل راڻو، هوشو شيدي به مقبول ناٽڪ اٿس.

 علي بابا جو پهريتو ڪهاڻي ڪتاب 1983ع ۾،  ٻيو ”آيل ڙي اولاڻا“ 1984ع ۾ ۽ ٽيون ڪتاب علي بابا جون ڪهاڻيون“ آهن.  تازو روشني پبليڪيشن پاران سندس ٽنهي ڪتابن کي گڏي ”علي بابا جون ڪهاڻيون“ جي نالي سان آندو ويو آهي. جنهن ۾ سندس رڳو اڌ ڪهاڻيون آهن ۽ ان جو ٻيو حصو نه آيو آهي.
 سنڌي ماڻهو ازل کان حساس طبعيت رهيا آهن ان جو مثال توهان کي تاريخ ۾ به ملندو ته سنڌين تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن تي هلان ڪا نه ڪئي آهي نه ئي ڪنهن قوم جو بي گناهه رت وهايو آهي. سنڌين  هر دؤر ۾ امن جو هوڪو ڏنو آهي. سنڌ ڌرتيءَ جي خمير مان جنم وٺندڙ علي بابا به پنهنجي حساس مزاج مان ”ڌرتي ڌڪاڻا“ ، ”ڪجلا تجلا ماڻهو“ ۽ ٻين شاهڪار ڪهاڻين کي خليقيو آهي. جن کي پڙهي مان جذبات جي وهڪري ۾ وهي ويس ۽ منهنجي اکين جا بند ٽٽي پيا ۽ مان سڏڪن ۾ پئجي ويوهئس. هر حساس دل انسان/سنڌي تي به انجو اهڙو ئي اثر ٿيندو. علي بابا سراپا سنڌيت آهي. علي بابا کي سنڌ ۽ سنڌيت جو جيڪو جنون آهي ان ڪري سندس تخليقون  سنڌي سماج، سنڌي ڪلچر ۽ ٻوليءَ جو عڪس آهن جن ۾ سنڌ نظر اچي ٿي اسين پاڻ کي ڏسون ٿا. علي بابا انهن ۾ اسان جي ڳالهه ڪئي آهي اسان سنڌين جي ڏکن ۽ پيڙائن کي چٽيو آهي.

  موهن جو دڙو جنهنجي نالي سان  اسان پوري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سڃاتا وڃون ٿا ۽ مختلف قومن جا ماڻهو اسان جي تهذيب کي احترام جي نظر سان ڏسن ٿا. ان عظيم تهذيب تي علي بابا جو ناول ”موهن جو دڙو“ جو پهريون حصو 1985ع ۾ ڇپيو. جيڪو اڳ۾ ”روح رهاڻ“ ۽ پوءِ ”نئين زندگيءَ“ ۾ قسطوار ڇپيو هو.  علي بابا کي ڪهاڻي کڻڻ جو ڪمال جو  هنر آهي، سندس ڪردار، پلاٽ ۽ منظرن ۾ جيڪا جان آهي. اها کيس سگهارو قلمڪار ثابت ڪريس ٿي. هن ناول ۾ هن سنڌو سڀيتا کي اسان جي اڳيان آئيني جيان ڏيکاريو آهي. پر وڏي ڏک جي ڳالهه آهي ته ان ناول جو پهريون حصو پڙهي گذريل ڏهن سالن کان ٻئي حصي جي پڇا ڪندو رهان ٿو. مان سمجهندو هئم ته ان جو ٻيو حصو ڇپيل آهي شايد ڇپجي نه سگهيو آهي پر نه علي بابا خود پنهنجي ڪنهن انٽرويو ۾ ان جو اقرار ڪري ٿو ته مون کان هاڻي اهي ڪردار وڌيڪ تخليق نٿا ٿي سگهن. مون سميت سنڌ جي کوڙ سارن پاٺڪن کي هن ڪلاسيڪل ناول جي ٻئي حصي جو انتظار آهي پر 32 سال گذرڻ باوجود علي بابا خبر ناهي ڇو ان جي ٻئي حصي لکڻ ۾ سنجيده نه هو. هاڻي علي بابا ڪڏهن لکي ب ن سگهندو. پر پوءِ به اسان کي انتظار آهي ۽ رهندو پوءِ ڇو نه ڪو ٻيو قلم ڌڻي ان تي قلم کڻي پورو ڪري. آء ب پنهنجي طرف کان ڪوشش ڪندس.
 علي بابا جو ٻيو ناول ”سنڌ باد جو سفر“ جيڪو ٻارن لاءِ لکيو اٿس. اهو ناول 1993ع ۾ شايع ٿيو. سنڌ باد جي سفر ۽ ان ۾ موجود ڪردارن کي علي بابا سنڌي روپ ڏنو آهي جهڙوڪ اهو سنڌي قصو ٿي ويو آهي. اهو سندس فن ڪاريگري جو اعليٰ مثال آهي.
 علي بابا سنڌ جو مسڪين ۽  سادي طبيعت رکندڙ پنهنجي جوهر ۾ هڪ حقيقي ۽ مڪمل سرجڻهار آهي. جنهن وٽ اڻ کٽ ڏات آهي جنهن سان هو پنهنجي تاريخ، تهذيب ۽ ٻوليءَ ۽ عظيم ڪردارن کي دنيا جو آڏو پيش ڪري ٿو. 

Thanks Daily Ekta Karachi and Tasveer Sandilo sain.

Wednesday, August 19, 2020

ناصر علي پنھور جو ڪتاب ”اڇو پاڻي لُڙ ٿيو“ امر لغاري


ناصر علي پنھور جو ڪتاب ”اڇو پاڻي لُڙ ٿيو“
امر لغاري

سنڌ ۾ ماحولياتي حوالي سان تمام ٿورڙا نالا اهڙا آھن، جن ماحوليات جھڙي وڏي تناظر واري موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ انتھائي شاندار لکيو آھي. انهن نالن منجهان ناصر علي پنھور پڻ هڪ آهي. هو ماحولياتي حوالي سان نه فقط هڪ ماهر پروفيشنل آهي، پر گڏو گڏ ماحولياتي مينيجمينٽ توڙي صحافت جهڙن شعبن ۾ ڪيتري ئي عرصي کان ڪم ڪندو پيو اچي. انهي سڃاڻپ هيٺ هن گهڻو ڪجهه پڻ لکيو آهي. ناصر جو سڀ کان اهم ڪم قلم ذريعي ماحولياتي سجاڳي پکيڙڻ، پائدار ترقيءَ بابت ڄاڻ ڏيڻ، عالمي ماحولياتي تبديلين بابت خبردار ڪرڻ، آب هوا جي تبديلي، سنڌو درياهه ۽ ان جي وهڪرن، ڊئمن، بئراجن، پاڻيءَ جي ڍنڍن، درياهه جي ڇوڙ واري علائقي ڊيلٽا توڙي انهن تي انحصار ڪندڙ جهنگلي جيوت، زراعت ۽ عام آدم بابت ماڻهن کي معلومات ڏيڻ آهي. ويجهڙائيءَ ۾ هن جو جيڪو نئون ڪتاب ”اڇو پاڻي لڙ ٿيو“ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، تنهن ۾ پڻ انهن ئي مسئلن کي سائنسي، سماجي ۽ تاريخي ڄاڻ جي حوالن سان اجاگر ڪيو ويو آهي.

سنڌو درياهه ۽ ان جي ماحولياتي مسئلن بابت مضمونن جي هن ڪتاب ۾ سنڌ توڙي ملڪ جي ماحول جو گھڻ رخو مشاھدو بيان ڪندي ناصر انھن سڀني پاسن تي قلم کنيو آھي، جيڪي اسان جي ھن خطي جي ماحولياتي ثقافت جوڙين ٿا. ڪتاب ”اڇو پاڻي لڙ ٿيو“ کي معلومات توڙي موضوعن جي حوالي سان ڇهن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين حصي جو عنوان آهي ”سنڌو درياهه، ڊيلٽا ۽ ڊئم“. هن حصي ۾ ڪل يارنهن مضمون ڏنل آهن، جيڪي سنڌو درياهه جي صحت، ان سان لاڳاپيل سياسي، معاشي ۽ ماحولياتي مسئلن، وهڪرن، ڊيلٽا جي مستقبل، ماحول دشمن رٿائن، سامونڊي چاڙهه وغيره بابت آهن. جيڪڏهن هنن مضمونن جو تت ڪڍجي ته ليکڪ جي ان ڳالهه سان سهمت ٿيڻو ٿو پوي ته ”نديون ئي ڌرتيءَ جي گولي کي جيئرو رکن ٿيون“. ليکڪ مطابق جيئن ته انساني تهذيبن جي تاريخ درياهن سان ڳنڍيل آهي، ۽ دنيا جي قديم تهذيبن درياهن جي ڪنارن تي جنم ورتو، ان ڪري تهذيبن جو درياهن سان جذباتي رشتو آهي. درياهه انسان لاءِ پاڻيءَ جي فراهمي سان گڏ روزگار جي وسيلن، آمدرفت ۽ زراعت لاءِ نهايت اهم حيثيت رکن ٿا. جيئرا درياهه ڌرتيءَ جي جياپي، زمينن لاءِ لٽ، تعميراتي سامان، تفريح مهيا ڪرڻ سان گڏ ثقافتي ۽ روحاني طور ماڻهن کي سگهه بخشين ٿا. درياهه جا زنده وهڪرا ٻوڏن ۽ ڏڪارن جي اثرن کي گهٽائن ٿا، ٻيلن جي واڌ، ماهيگيري ۽ ماحولياتي نظامن کي برقرار رکن ٿا. ليکڪ اسان کي اهو پڻ ٻڌائي ٿو ته هن وقت جتي دنيا ڀر جا درياهه پاڻي کڻڻ، ماحولياتي گدلاڻ ۽ وهڪرن جي رخ موڙڻ جهڙن دٻائن جو شڪار آهن، اتي سنڌو درياهه پڻ جياپي جي جنگ وڙهندي آخري پساهن ۾ آهي، جنهن جا مکيه سبب انساني آبادي جو وڌڻ، زرعي زمينن جو وڌيڪ آباد ٿيڻ سان گڏ ڊئمن جو اڏجڻ ۽ موسمي تبديليون آهن. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سنڌ طاس معاهدو پڻ اسان جي ملڪ جي فائدي ۾ ناهي رهيو، نتيجي ۾ پاڻيءَ جي ملڪي ضرورتن جو سڄو وزن سنڌو نديءَ مٿان اچي ڪڙڪيو آهي. جيئن ته پاڻيءَ کي سمنڊ تائين پهچڻ نٿو ڏنو وڃي، ان ڪري ڊيلٽا ۽ ان جي معيشت تباهه ٿي رهي آهي، ۽ سمنڊ جون ارهه زورايون وڌي تباهيءَ جي شڪل اختيار ڪري ويون آهن.
ڪتاب جو ٻيو حصو ”موسمي تبديليون، ماحول ۽ فطري وسيلا“ جي عنوان سان آهي، جنهن سان لاڳاپيل ارڙهن ليک شامل ڪيا ويا آهن. هنن مضمونن جو تناظر جيتوڻيڪ موسمي تبديلين جا ماحول ۽ معيشت تي اثر ئي آهي، پر ان جو دائرو ساري دنيا کان ٿيندو اسان جي ملڪ ۽ سنڌ تائين پهچي ٿو. موسمون ڇو ته ڌرتيءَ جي گولي سان تعلق رکن ٿيون انڪري انهن ۾ فطري توڙي هٿراڌو تبديليون دنيا سان گڏ اسان تي پڻ اثر انداز ٿين ٿيون. جنهنڪري، سڀ کان وڌيڪ نقصان اسان جي معيشت يعني روزگار جي وسيلن ۽ اسان جي فطري وسيلن (يعني مستقبل جي وسيلن) کي پهچي ٿو. موسمي تبديلين ۾ جتي ليکڪ گرميءَ جي پد ۾ اضافي جو ذڪر ڪري ٿو اتي برساتن ۾ ڪمي، ڏڪار، موسم جي شدد ۽ سامونڊي طوفانن جي پڻ ڳالهه ڪري ٿو. بقول ليکڪ جي ته موسمي تبديلين جو پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ شڪار سنڌ صوبو ٿئي ٿو ۽ ٻئي نمبر تي پنجاب ٿئي ٿو. موسمي تبديلين جو سڌو سئون شڪار ماڻهو ٿين ٿا. کين خوراڪ جي ڪمي، لڏ پلاڻ، بيمارين، ڊگهي عرصي تائين زندگيءَ جي سهولتن کان محروم ٿي وڃڻ، مال جي مري وڃڻ ۽ ٻين انيڪ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان ڪري هو سنڌ جي پاليسي ساز ادارن ۽ حڪومت کي صلاح ڏئي ٿو ته سرڪار کي سنجيده ٿي سنڌ جي ترقيءَ لاءِ موسمي تبديلين کي ترجيحي بنياد تي پنهنجي ايجنڊا تي رکڻ گهرجي.
ڪتاب جو ٽيون حصو ”پاڻي“ جي عنوان سان آهي. هن حصي هيٺ ڪل نوَ ليک شامل ڪيا ويا آهن جن ۾ پاڻيءَ کي زندگيءَ جي بنيادي نعمت طور ڏٺو ويو آهي. گڏو گڏ پاڻيءَ جي کاپي، پاڻيءَ جي وسيلن ۽ ذريعن بابت بحث ڪيو ويو آهي. ليکڪ جو چوڻ آهي ته تازو ”پاڪستان ڪائونسل آف رسرچ ان واٽر رسورسز“ جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ جي 84 سيڪڙو آباديءَ کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناهي، جنهن جو سڀ کان وڏو سبب ادارن جي ناقص منصوبه بندي ۽ بدانتظامي آهي. جيتوڻيڪ ماحولياتي گدلاڻ، گٽرن جو دريائن ۾ ڇوڙ، زير زمين پاڻيءَ جو ڪڙو هجڻ ۽ ان ۾ سنکيي جي موجودگي پڻ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي مسئلن ۾ شامل آهي، پر سڀ کان اهم مسئلو پاڻي هوندي ان کي صاف ڪري ماڻهوءَ تائين پهچائڻ واري رٿابندي آهي، جيڪا وقت جي حاڪمن جي ترجيحات ۾ شامل ناهي. سنڌ پڇڙيءَ ۾ هئڻ ڪري ملڪ مان سڀ کان وڌيڪ ڀوڳي ٿي. سڄي ملڪ جي گٽرن ۽ ٻئي ڪني فضلي جو نيڳال پڻ سنڌو درياهه ذريعي سنڌ ۾ ٿئي ٿو. پر جيئن ته هڪ پاسي سنڌ ۾ پاڻيءَ جي ورهاست وارو نظام پراڻو ۽ ناڪارا آهي، ۽ ٻئي پاسي انساني آبادي توڙي شهرن جي تڪڙي واڌ ۽ وڏين عمارتن جي تعميرات ۾ پڻ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، جنهنڪري پاڻيءَ کي صاف ڪري هر جاءِ تي پهچائڻ واري منصوبه بندي نه هئڻ ڪري انساني آبادي مختلف بيمارين جو شڪار آهي، جن ۾ ڪالرا، پيٽ جون بيماريون ۽ سائي وغيره شامل آهن. ليکڪ پاڻيءَ جي ذخيرن کي صاف رکڻ، انهن تائين تازو پاڻي پهچائڻ، ادارن مان ڪرپشن، اقراپروري، سياسي مداخلت ختم ڪرڻ ۽ پاڻيءَ جي ورهاست واري نظام کي نئون ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو.
ڪتاب جي چوٿين حصي کي ”ڍنڍون، جهنگلي جيوت ۽ ٻيلا“ جو عنوان ڏنو ويو آهي. هن حصي ۾ ڪل چوڏهن ليک شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي سنڌ جي ڍنڍن، انهن جي ماحول، اهميت، فطري سونهن، آبي جهنگلي جيوت ۽ انهن جي بقا بابت آهن. ليکڪ هنن مضمونن ۾ سنڌ جي آبي خطن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”ڍنڍون قدرتي آفتن کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن، جهڙوڪ: ٻوڏون، ڏڪار ۽ سامونڊي طوفان. ڍنڍون فطري طور شديد برساتن ۽ ٻوڏن جي پاڻيءَ کي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.“ ليکڪ جو چوڻ آهي ته ڍنڍون فطرت جون سپر مارڪيٽون آهن. ”ڌرتيءَ جي فطري توازن کي برقرار رکڻ ۽ انساني ترقيءَ لاءِ ڍنڍن جي فطري حسن کي برقرار رکڻ لازمي آهي. ڍنڍون نه رڳو پاڻيءَ کي صاف شفاف رکن ٿيون، پر جر جي سطح کي به برقرار رکن ٿيون.“ ص ـــ173. ليکڪ اسان کي اهو به ٻڌائي ٿو ته ڍنڍون هڪ پاسي انسان کي خوراڪ مهيا ڪن ٿيون، ته ٻئي پاسي ساحلي علائقن کي سامونڊي چاڙهه کان محفوظ رکن ٿيون ۽ موسمي تبديلين جي اثرن کي پڻ گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. ڍنڍن کي بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته درياهن جي وهڪرن جو بچاءُ ڪيو وڃي، صنعتن جي گدلي ۽ زهريلي پاڻيءَ کي ڍنڍن ۾ پوڻ کان روڪيو وڃي ۽ انهن کي سُڪائي زرعي زمينن طر استعمال ڪرڻ کان قانوني طور بچايو وڃي.
ڪتاب جو پنجون حصو ”ٻوڏون، ڏڪار ۽ زلزلا“ جي عنوان سان آهي. هن حصي ۾ سورهن ليک شامل ڪيا ويا آهن. جيئن عنوان مان ئي ظاهر آهي ته هن حصي ۾ ليکڪ قدرتي آفتن، انهن کان بڇاءُ لاءِ رٿابندي ۽ انهن جي اثرن بابت بحث ڪيو آهي. جن قدرتي آفتن جو ليکڪ تفصيلي ذڪر ڪيو آهي تن ۾ زلزلا، برساتون، ٻوڏون، ڏڪار، طوفان ۽ سونامي شامل آهن. هنن مضمونن ۾ گذريل ٽيهن سالن دوران آيل زلزلن، برساتي ٻوڏن، سامونڊي طوفانن ۽ ڏڪارن جو نه فقط تفصيل بيان ڪيو ويو آهي پر انهن ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن جا به انگ اکر ڏنا ويا آهن. ٻڌايو ويو آهن ته ڪيئن انهن سنڌ جي سرزمين تي تباهي مچائي، ۽ ڪيئن اڳواٽ رٿابندي نه هئڻ ڪري ماڻهن کي وڌيڪ نقصان کڻڻو پيو. ناصر پنهور هنن مضمونن ۾ ٿر، ڪاڇي، ساحلي پٽي، درياهه، بلوچستان، نيپال کان ويندي بنگال ۽ جاپان تائين آيل آفتن جا پيرا کنيا آهن، ۽ انهن جي سنڌ تي پوندڙ اثرن تي سائنسي انداز سان تجزيو ڪيو آهي.
ڪتاب جي ڇهين ۽ آخري حصي جو عنوان ”پائدار ترقي“ رکيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪل ٻارنهن مضمون ڏنل آهن. هيءُ حصو مجموعي طور انهن سمورن وسيلن جي سائنسي طريقي سان توڙي ڏاهپ ڀريي استعمال بابت آهي، جن جو اسان هن جائزي ۾ اڳ ذڪر ڪري آيا آهيون، يا جن جي غلط ۽ بي جا استعمال جي ڪري ملڪ قدرتي آفتن کان ويندي هٿراڌو آفتن جو شڪار ٿين ٿا. پائدار ترقي لاءِ ليکڪ جو چوڻ آهي ته جمهوري نظام جون پاڙون عام ماڻهوءَ تائين هجڻ ضروري آهن. اهو تڏهن ٿي سگهندو ”جڏهن حڪومتون سول سوسائٽي کي ڪم ڪرڻ لاءِ مناسب ماحول مهيا ڪنديون ۽ سماج جي پٺتي پيل طبقن جي فيصلي سازيءَ جي عمل ۾ شرڪت کي يقيني بنائڻ لاءِ ادارتي پليٽفارم مهيا ڪنديون.اها خود مختياري تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن غربت کي گهٽائڻ لاءِ اهڙي معاشي ترقي ٿئي جنهن ۾ سڀئي ماڻهو شامل هجن ۽ روزگار پيدا ٿئي.“ هن جو چوڻ آهي ته معاشي ترقي جا فائدا پهچائڻ ۾ جتي هڪڙي رڪاوٽ هتان جو هاڻوڪو نظام ( جيڪو نا اهل ۽ ڪرپٽ) آهي، جنهن ۾ اهي فائدا مخصوص ماڻهن تائين محدود آهن، ۽ ٻي رڪاوٽ موسمي تبديليون بنجن ٿيون، جن جا اثر غريبن تي وڌيڪ نمايان آهن. انڪري پائدار ترقيءَ لاءِ حقيقي عوامي جمهوري نظام ضروري آهي، گڏو گڏ موسمن جي تبديلين جي اثرن آڏو صف بندي پڻ ضروري آهي، جيڪا قدرتي وسيلن جي صحيح استعمال (يعني مناسب استعمال)، صحيح رٿابندي ۽ صحيح منصوبه بنديءَ سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي.
هن ڪتاب جي هڪ خاص ڳالهه ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ جو لکيل مهاڳ پڻ آهي. ميڊم انتهائي شاندار نموني تحقيقي انداز سان هن ڪتاب جي ماحولياتي ۽ تاريخي اهميت بيان ڪئي آهي. هوءَ لکي ٿي ته ”هيءُ ڪتاب ڇو اهم آهي؟“ ۽ ”ان کي ڇو پڙهڻ کپي؟“ جنهن جو جواب به پاڻ ئي ڏئي ٿي: ”درياهه جا سوڙها ٿيندڙ وهڪرا، گرمين ۾ ريگستان جو ڏيک ڏيندڙ سڪل درياهه. آبپاشيءَ جي مقصدن لاءِ ٺاهيل ڊئم ڄڻ ته درياهه جي وهڪرن سان هٿ چراند آهي. ماحولياتي نظام جي تباهي ڪهڙن سببن ڪري ٿي آهي؟ ۽ ان ۾ اسان جو پنهنجو ڪيترو هٿ آهي؟ ٻيلن جي واڍي ڪنهن ڪئي ۽ ان کي روڪيو ڇو نه ويو.“
مجموعي طور هي ڪتاب اسان جي ملڪ، خاص ڪري سنڌ جي ماحولياتي اثاثن کي محفوظ ڪرڻ، انهن جي مناسب استعمال، ۽ کين درپيش خطرن ۽ مسئلن کان آگاهه ڪري ٿو. ان سان گڏو گڏ هيءُ هڪ تاريخي دستاويز پڻ آهي، جو انگن اکرن ساڻ پنهنجي فطري وسيلن جي معاشي ۽ ماحولياتي دولت ۽ فطري حسن جي بچاءُ جو ڪيس پڻ پيش ڪري ٿو.

 

ڳالھيون ڳُجھ اندر جون! (ڪتاب ”مانوارن سان ملو,نصير مرزا“ جو جائزو) عاشق چانڊيو

 ڳالھيون ڳُجھ اندر جون!

(ڪتاب ”مانوارن سان ملو,نصير مرزا“ جو جائزو)
عاشق چانڊيو

پاڻ ڪجھ ڏينھن کان انٽرويو پڙھڻ شروع ڪيا آهن جو ان ۾ ڪيئي مزيدار ۽ ڳجھين ڳالھين جي پروڙ پئجي وڃي ٿي. اسان جو سنڌي ادب به شاھڪار آهي جو ان ۾ پڙھندڙ جي چونڊ ملي وڃي ٿي، کڻي جو ان جو مقدار ٿورو ئي ھجي پر پڙھندڙ پنھنجي خواھش کان محروم نه ٿو رھي. ڪھاڻيون، ناول، مضمونگاري، انٽرويو، فلسفو سڀ ڪجھ موجود آهي، بس ڳالھ آھي ته مقدار جي، ڪا شيءِ ججھي آھي ته ڪا ٿورڙي. سو پاڻ کي به انٽرويو پڙھڻ جي خواھش جاڳي ته پاڻ سنڌي ۾ انٽرويوئن جا ڪتاب جاچڻ لڳاسي.، ان ۾ پاڻ کي مايوسي پلئه ڪونه پئي. پھريون ته ھمسفر گاڏھي جو ڪتاب "سنڌ جي ڏاھپ کان انٽرويو" ھٿ لڳو. پڙھيوسين، گھڻيون ڳالھيون سکيونسين. امر اقبال جو ڪتاب "آءُ اسان وٽ ويھ" به ان ئي ڪڙي جو اسان کي ملي ويو. اوريان فلاشي جو ھڪڙو مشھور انٽرويوز جو ڪتاب "interviews with history" جو اردو ترجمو "تاریخ کا دریچہ" به پڙھي ورتوسين ۽ ان ئي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي پاڻ کي جڏھن سنڌي انعام پاران ڪتاب پڙهڻ ۽ لکڻ عيوض ڪتابن ملڻ جي آڇ ٿي ته پاڻ ھي ڪتاب "مانوارن سان ملو" به چونڊيو آهي جيڪو پڻ انٽرويوز جو ڪتاب آهي جنهن جو انٽرويو ڪندڙ آهي نصير مرزا!

ھڪ قدم اڳتي پاڻ ھڪڙو ٻيو انٽرويوئن جو ڪتاب به ھٿ ڪري ورتو آهي جنھن جو انٽرويو ڪندڙ آھي مرتضي سيال.
خير, پاڻ ڪتاب بابت ڳالھايون يا جن شخصيتن ھتي پنھنجو اندر اوريو آهي، اھي ڳالھيون ٻيھر ورجايون، پڙھون، پڙھايون!
ڪتاب ۾ 35 انٽرويو سھيڙيل آھن جنھن ۾ خود ليکڪ جي ڳالھ ٻولھ پڻ شامل آهي، پاڻ 35 ئي ڄڻن جي ڳالھيون ته بيان ڪري ڪونه سگھنداسين، پوءِ به ڪجھ ڳالهيون بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. نصير مرزا جي ھن ڪتاب جي ھڪڙي خاصيت اھا آھي ته انٽرويوز سان گڏ ھي خاڪن جو ڪتاب به آھي، جيڪي نصير مرزا انٽرويو ڏيندڙن جي شخصيتن تي لکيا آهن. نصير مرزا جي جيڪا لکڻي آهي ان ۾ عجب ۽ تعجب جون نشانيون کوڙ ملنديون آهن ۽ اھي عجب تعجب جون نشانيون پڙھندڙ کي ان ئي ريت روانگي سان پڙھڻ تي آماده ڪن ٿيون جيئن نصير مرزا ريڊيو ڪمپيئرنگ دوران شخصيتن جو تعارف روانگي سان ڪندو ويندو آهي، اھو پڙھڻ ۾ مزو ڏئي ٿو. جيئن مسز شيرين فيروز نانا جو تعرف لکيو اٿس؛
"اَسي سالہ مسز شيرين فيروز نانا عرف" ادي بَيبي"، منھنجي فرسٽ ڪزن ۽ مٺي ڀيڻ آھي. ۽ اھا خبر به.... گھڻو گھڻو.... گھڻو دير سان پئي ھئي مون کي، اڻويھ سو نوي ۾. ۽ لاتعداد چاچن ۽ ڳڻپ کان ٻاھر ڪزنس ۾" ادي بَيبي" جي نالي سان به خاندان ۾ ڄائي خوبصورت، باوقار ۽ وضعدار ھستي موجود آهي ۽ ان جي خبر به ڀلا مون کي پوي ھا ته ڪيئن؟ "
مٿين پئراگراف ۾ اھڙي ڪا ڳالهه ته موجود ڪونھي سواءِ فيروز نانا جي تعرف جي پر مون ليکڪ جي بيان اسلوب جو ھڪڙو نمونو رکيو آهي ۽ ھو انٽرويو ۾ به ايئن ”پڇيم، وراڻيائين، ھن چيو پئي“ واري اسلوب ۾ انٽرويو جا سوال ۽ جواب لکيا آهن. جيتوڻيڪ سڀ انٽرويو ان انداز ۾ نه ڪيا ويا آهن پوءِ ٻيا انٽرويو ڪھڙي انداز ۾ ڪيا ويا آهن؟ پھريان ھڪڙي ڳالھ ٿا ڪيون! امر اقبال پنھنجي انٽرويو ڪتاب "آءُ اسان وٽ ويھ" جي مھاڳ ۾ لکي ٿو ته؛
" مون کي ياد آهي ٻانڀڻ صاحب جي آفيس ۾ چانھ پيئندي، آغا سليم صاحب کيس چيو ھو: ”مَن! ڇَڏ انٽرويوءَ کي، مان ھتي تو وٽ صرف چانھ پيئڻ آيو ھئس.... ۽ ٻيو ته تنھنجو ھي ڪمپيئر ڀلا مون کان انٽرويو وٺندو به ڇا؟ پڇندو.... پسند جو رنگ ڪھڙو اٿئي؟... پسند جي موسم... پسند جي خوشبوءِ....“
سو ٻيا انٽرويو مٿين انداز ۾ ورتا ويا آهن، پر اھو انداز موھن ڀڳت جي انٽرويو ۾ ته ٺيڪ آھي پر ماھتاب محبوب جي انٽرويو جو اھو انداز ته نه ھجي ھا ني! ماھتاب محبوب کان نصير مرزا ڪجھ اھڙا سوال پڇيا آھن جيئن؛
"وڻندڙ گل؟
پسند جو ڊراما ليکڪ؟
پسنديده اخبار؟
پسند جي فلم؟"
ھاڻي انھن سوالن جا جواب پڙھڻ ۾ ڀلا ڪھڙي دلچسپي ھوندي! ان انٽرويو جا سڀ سوال به مختصر ته جواب به مختصر پر ھڪڙو سوال ۽ جواب سٺو آهي اھو ھتي پيش ڪيون ٿا.
"سوال آهي، ادب دنيا کي تبديل ڪري سگهي ٿو؟
"ادب فرد واحد کي تبديل ڪري سگهي ٿو، معاشري جون حدون اورانگهي ملڪي حدن تائين به وڏا انقلاب ۽ تبديليون آڻي سگھي ٿو پر دنيا کي تبديل ڪرڻ واري دعوي تمام وڏي آھي."جواب آهي، ۽ جواب ۾ ڏاڍي سٺي ڳالھ ڪئي وئي آهي.
شيخ اياز جو جيڪو انٽرويو آهي، اھو سوال ۽ جواب طور لکيل ناھي پر ان وچ جي وقفن ۾ جيڪي ڪجھ وھيو واپريو آهي اھو به ليکڪ پني تي اتاري ڇڏيو آهي ۽ سندس چيل ڳالھيون به بيان ڪيون اٿس. شيخ اياز سنڌي ادب جو وڏو نالو آهي ۽ کيس اھا دعوي ھوندي ھئي ته "دنيا جو ادب منھنجي مُٺ ۾ آھي" ۽ ان دعوي متعلق ليکڪ جيڪو اياز جو اسٽڊي روم ڏسي ٿو، ان ۾ موجود ڪتابن جو تعداد ان دعوي جي شاھدي آهي.
"ڪٻٽ ۾ اندر، مٿان پاسن کان ڪتاب _ سوڙھا سٿيل، ھڪ ٻئي سان سلھاڙي، ھڪ ٻئي سان ڦٻيل (لڳو ھنن ڪتابن کي ڪنھن ھٿ جو ڇھاءُ ڏٺي ورھيه لنگھي ويا آهن) ڪٻٽن جي مٿان رسالا، اخبارون، ميگزنس جا بنڊل، انھن جي اوچائي ڇت تائين. (ابوءَ! اھو سڀ ڪجھ، اياز صاحب اڪيلي سر پڙھيو آھي. اھو سوچي منھنجا ھوش خطا ٿا ٿيو وڃن.) "
شيخ اياز جي انٽرويو مان سندس به ته ڪا ڳالھ شيئر ڪجي ني!
"شاعر اھو وڻ ھوندو آھي،
جنھن جا گل،
ھن جي موت کان پوءِ
اڳي کان به، وڌيڪ ٽڙندا آھن!
ھمعصر ڪڏهن به ھڪ ٻئي کي، صحيح نموني ايپريشئٽ نه ڪندا آهن. اھو عزل جو ڪوئي قانون آھي. پوءِ ايندل نسل ئي انھن کي صحيح معني ۾ ايڪناليج ڪري سگھندو آهي."
اياز جي مٿئين نقطئي نظر کي ڏسجي ته ڇا واقعي ايئن آهي ۽ جيڪڏھن آهي ته ڇو؟ ڇا ھمعصر ذاتي زندگي کي نظر ۾ رکي لکڻي جو اڀياس ڪندا آهن؟ ۽ ڇا ليکڪ جي ذاتي زندگي کي نظرانداز ڪري پوءِ ئي ھن جي لکڻي جو اڀياس ڪبو آهي؟ ڇا ليکڪ جي ذاتي ۽ عملي زندگي جو سماج تي اثر نه ٿيندو آهي؟ انھن سڀني سوالن جا جواب آءٌ پڙھندڙن تي ڇڏيان ٿو!
پاڻ اڳتي وڌون ٿا. آغا سليم جو انٽرويو اچي ٿو، ڏاڍا مزيدار ۽ تفصيلي جواب آھن ڇو ته آغا صاحب روايتي سوالن کان چِڙ کائيندو هو جنھن جو مثال مٿي پيش ڪري آيا آهيون. آغا صاحب کان پڇيل ھڪڙي سوال ته "ڪھاڻي، ناول يا شاعري پويان اوھان جا ڪھڙا ارادا ۽ آدرش ھوندا آھن. انھن ۾ اوھان ڏيڻ ڇا چاھيندا آھيو؟" جو ڏنل جواب مون کي ڏاڍو وڻيو آهي ۽ اھو جواب مان توهان کي به پڙھائڻ چاھيان ٿو.
"مان پنھنجي لکيل ادب ۽ فڪشن ۾ پنھنجن خوشين غمن ۽ پيڙائن کي ٻين سان ڀاڱي ڀاڱيوار ڪرڻ کي به پنھنجو آدرش سمجھان ٿو. مثال طور، رات جو ھلندي ھلندي چنڊ جو اھڙو روپ ٿو نظر اچي، جنھن کي ڏسڻ سان منهنجي دل چوندي ته مان توکي ٻڌايان ته: نصير! ڏس ڏس چنڊ ڪھڙو نه سھڻو پيو لڳي. يعني مان share ڪرڻ ٿو چاهيان خوشيءَ کي. انھيءَ حُسن کي، جيڪو مون ماڻيو. مان سمجهان ٿو ته، تخليقي عمل به اھو ئي آهي ته، ليکڪ ٻين کي حصيدار بڻائي، share ڪري جيڪو ھن پاڻ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي "
اسان کي مٿين خوبصورت ڳالهه ته پڙھڻ لئه ملي وئي پر اسان جنھن ڳُجھ جون ڳالھيون جاچڻ لاءِ انٽرويو پڙھيا اھي ڳالھيون اسان کي معلوم ٿي نه سگھيون ڇاڪاڻ ته آغا صاحب جي جيڪا انٽرويو جي جيڪا رڪارڊ ٿيل ڪئسيٽ ھئي، اھا نصير مرزا جي ٽيبل جي خاني مان چوري ٿي وئي ۽ تيستائين اڌ انٽرويو ئي پني تي اتري سگھيو ھو. ۽ اھا ڳجھ جي ڳالھ ھيءَ ھئي؛
"اھا عذرا ڪير آهي؟ ان تان ته اڄ پردو کڻو ئي کڻو!
کلندي وراڻيائين؛ اُھا بھرحال وامق واري 'عذرا' ڪانھي نصير.
ڀلا عذرا رياض؟
نه منَ.
شايد فھميده رياض..... اِھو نالو نورالھدي شاھ مُرڪندي کيس ياد ڏياريو. آغا صاحب اِن تي الائي ڪهڙو جواب ڏنو هو. مون کي ھاڻي گھڻو سوچڻ جي باوجود ياد ئي ڪونه ٿو پوي. "
ڪاش اِھا ڪئسيٽ نه چورائجي ھا ته اسين مٿيون ڳُجھ ته معلوم ڪيون ھا پر اڳتي شايد ڪي ٻيا راز يا علمي ڳالھيون ھجن ھا!
پاڻ ھاڻي ھڪڙي آخري ڳُجھي ڳالھ پڙھون ٿا جيڪا ھري موٽواڻي جي اندر اوري آھي.
" سٺ واري ڏهاڪي ۾ شيخ اياز صاحب رشيد ڀٽي سان گڏجي انڊيا آيو ھو. اياز ڇاڪاڻ ته اڳي ئي اسان لاءِ وڏو نالو ھو، تنھن ڪري ڪجھ دوستن، سڳن آھوجا، موھن ڪلپنا ۽ ٻين شيخ اياز جي ڀارت ۾ تمام وڏي آجيان ڪئي. راجن چاولا انھن ڏينھن ۾ ٻين ۾ ڪجھ اڀريل ھو. ھن وٽ پنھنجي موٽر ڪار ھئي. جڏھن ته اسين غريبڙا ھئاسين، گاڏي ڪنھن وٽ ڪانه هئي. اياز کي ماني ته کارائي سگھياسين پئي، پر گھمائي ڦيرائي نه پئي سگھياسين. راجن وٽ ڪار سان گڏ نئون فليٽ به ھو. ھنن ٻنھي زال مڙسن شيخ اياز کي سڄي ھندستان جو سير ڪرايو. راجن چاولا چوي ٿو ته سير سفر دوران گفتگو ۽ فرينڪنيس جو شيخ اياز غلط مطلب ڪڍيو ۽ ڇا جو ڇا ويھي ڳالھيون لکيون، جن اسان جي زندگي ۾ وڏو ٽاڪوڙو وڌو.... بعد ۾ گيتا به اياز جي لکيل ڳالھين تي پنھنجو ردعمل ڏيندي چيو ته اھڙي ماڻھوءَ سان ڪوبه ماڻھو رشتو نه رکي جو اسان ته هن کي وڏو ڀاءُ سمجھي ريسپيڪٽ ڏني ۽ ھن وري اسان کي پنھنجي لکڻين ۾ ڪنھن ٻي طرح سان ٽريٽ ڪيو. راجن چاولا ان سلسلي ۾ اياز سان جڏهن ڪراچيءَ ۾ احتجاج ڪيو ته اياز وري چيو، اھا ڄاٻي 'گيتا' آهي جنھن جو ذڪر مون ڪيو آهي. "
سو يارو اھڙا ڳُجھ ڄاڻڻ لاءِ انٽرويو پڙھندا ڪريو! ڪتاب ۾ وڌيڪ فتاح ھاليپوٽو، مظھر السلام، مراد علي مرزا ۽ امداد حسيني جا انٽرويو تفصيلي ۽ مزيدار آھن. ڪتاب نئون نياپو پاران شايع ڪيل آهي. آخر ۾ ھڪڙي نشاندگي به ڪندا ھلون ته ڪتاب جي ٽائيٽل پيج تي علي بابا جي تصوير به ڏنل آهي جڏھن ته ڪتاب ۾ سندس انٽرويو ڏنل ناھي!

مرزا قليچ بيگ جي ناول ”زينت“ جو تنقيدي جائزو ڪامران رند

 

مرزا قليچ بيگ جي ناول ”زينت“ جو تنقيدي جائزو

ڪامران رند


ڪنهن بہ سماج جي ترقيءَ ۾ جيترو ڪردار تعليم جو ھجي ٿو اوترو ئي رھنما ڪردار ھڪَ ليکڪ پڻ ادا ڪري ٿو. ليکڪ پنهنجي دؤر جي سماجي، معاشي، ۽ سياسي حالتن جو اظھار ڪرڻ سان گڏ ان وقت موجود سمورن اصولن، ضابطن، قائدن ۽ سماجي قدرن کي بہ وائکو ڪري ٿو. ھڪ تحرير نہ فقط ڪنھن ليکڪ جي خيالن جي آئينادار ٿئي ٿي پر ان دؤر جو سمورو تاڃي پيٽو بہ پڌرو ڪري ٿي.

ڪتابن جي اھميت کان ڪو بہ سوچيندڙ ذھن انڪار نہ پيو ڪري سگهي، ڇو تہ تاريخ جي دريءَ ۾ ڪتابن جي اک سان ئي جهاتي پائي پئي سگهجي. تيئن ئي اگر سنڌ جي اوائلي تاريخ ۽ ادب تي نظر ڦيرائبي تہ ان دؤر ۾ سرجيل ادب ڏانهن ئي نھاربو. سنڌ جي ادبي تاريخ تي جڏھن ڪرڙي اک رکي مطالعو ڪجي ٿو تہ جو نالو نکٽن جيئان نڪري نروار ٿي ٿو بيهي سو آھي مرزا قليچ بيگ. مرزا قليچ بيگ سنڌ جي ادبي کيتر ۾ ھڪَ اهڙي چمڪندڙ ستاري جيئن اھميت ٿو رکي جنهن پنهنجي علمي روشنيءَ ذريعي ھزارين اونداھن ذهنن کي روشن ڪيو ۽ ڏيئي ڏيئي لاٽ مثل ھڪَ وسيع ادبي عمارت جو بنياد وڌو.


مرزا قليچ بيگ ھونئن تہ ادب جي ھر صنف ۾ طبع ازمائي ڪئي ۽ بي بھا ڪتاب لکيا. پر ڪجھ صنفن ۾ سندس ڪم تمام شاندار ۽ سگهارو رھيو آھي. ٻي صنفن جيان ناول نگاريءَ ۾ بہ مرزا قليچ بيگ تمام بهترين ۽ عمدو ڪم ڪيو آھي. ھن وٽ ناول لکڻ جون مڙئي فني خوبيون موجود ھيون. مرزا قليچ بيگ جو طبعزاد ناول ”زينت“ سنڌي ٻوليءَ جي شروعاتي ناولن مان ھڪ آھي. مون اڻ مشھور ناول جو تنقيدي جائزو وٺڻ جي ڪوشش آھي جيڪا معزز پڙھندڙن آڏو پيش ڪريان ٿو.

مرزا قليچ بيگ نومبر 1890ع ۾ زينت ناول لکي پورو ڪيو. ھن ناول جي ڪهاڻي نهايت ئي سشيل، سندر ۽ سلجھيل عورت جي چؤگرد ڦري ٿي، جيڪا نہ صرف سونهن ۽ سوڀيا ۾ سرس آھي بلڪ سيرت ۾ پڻ سرھائي بخشيندڙ آھي. جنهن زماني ۾ زينت ناول سنڌي ادب جي ادبي باغ ۾ ھڪَ نئين گل جو واڌارو ڪيو سو زمانو ٽوڻن ڦيڻن، دعا درمل، خير خيرات، قصاگوئي، جادوئي آکاڻين جو زمانو ھئو. جنهن زماني ۾ حقيقت کان ڪوھين ڏور تصوراتي قصا گھڙيا بہ ويندا ھيا تہ اڪثر ڪري انھن جي انڌي تقليد پڻ ڪئي ويندي ھئي. شهزادي ممتاز دمساز جو قصو، ڪوھ ڪاف جي حسينہ، حاطم طائي ۽ دجال جا قصا وغيره ڏاڍي چاھ ۽ شوق سان پرھيا ويندا ھئا. پر جيئن تہ اھي قصا ڪهاڻيون حقيقت کان ڪوھين ڏور محض تصوراتي ھئا تنهنڪري انھن مان ذھنن جي آبياري جي اميد رکڻ اجائي ۽ فضول ھئي. جڏھن درگاھن تي باسون باسڻ ۽ وڻن ۾ وارن جي چوٽيءَ ٻڌڻ روزاني معمول واريون رسمون ھيون تنهن وقت ۾ حقيقت جي ڦرھي کڻي پرچار ڪرڻ ڪا معمولي ڳالھ ڪين ھئي. مرزا قليچ بيگ نہ فقط ان فرسودگي ۽ دقيانوسيت کان ڪناراڪشي ڪئي پر پنهنجي ناول ۾ ٿيڻ جوڳي ڳالهين تي ڪردارن جي سڃاڻپ ٺاھي. ھن ناول ۾ پڻ اهڙا ڪردار ڏيکاريا اٿس جن جو واسطو حقيقي دنيا سان وڌيڪَ ميل کائي ٿو. جيتوڻيڪ مرزا قليچ بيگ ناول ۾ پاڻ لکي چڪو آھي تہ زينت ناول سندس تخيل جي پيداوار آھي ۽ ھي ھڪ خيالي قصو آھي. زينت ناول پڙھڻ دؤران پڙهندڙ پاڻ کي ان ڪهاڻيءَ جو حصو محسوس ڪري ٿو ۽ ڪردارن سان گڏ ھلندو ھلي ٿو.

مرزا قليچ بيگ ناول جي ٻولي تمام سادي ۽ سليس رکي آھي جا پڙهندڙ کي ڏاڍو لڀائي ٿي. اجائي ۽ غير ضروري لفاظي کان پاسو ڪيو اٿس ۽ تمام عام فھم ۽ سادن مثالن سان ڳالھ سمجھائي اٿس. ناول ۾ ڪردارن کان جيڪي ڪم وٺڻ چاھيا اٿس تنهن ۾ گهڻي حد تائين ڪامياب بہ ويو آھي. پر جيئن تہ ناول جي صنف ھن لاءِ پڻ نئين ھئي تنهن لاءِ گھڻن ئي جاين تي ناول ۾ جھول پڻ نظر اچن ٿا. مثلن ڪردارن جي گفتگو ڪجھ اهڙي انداز ۾ ڪرائي وئي آھي جو ناول ڪنھن ڊرامي جو ڏيک ڏئي رھيو آھي. مختلف ڪردار پان ۾ ھمڪلام تہ ٿين ٿا پر ٻولي ۽ لهجو تقريبن سڀ جو ساڳو بيهاريو اٿس. جو پڻ ھڪ جھول ئي تصور ڪرڻ کپي. ھڪ سٺي ناول ۾ ڪردار جي مرحلي وار ارتقا مختلف قصن آڌار ڪرائي ويندي آھي تہ جيئن پڙهندڙ ڪردارن بابت پنهنجي ھڪ رائي جوڙي سگهي. مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪردارن کي شروعات ۾ ئي مڪمل تعارف سان متعارف ڪرايو آھي جن جي سڃاڻپ بلڪل بہ ارتقائي نہ آھي. تنهن لاءِ چئي ٿو سگهجي تہ ناول مان ارتقائي پهلو بلڪل ئي غائب آھي. جيئن ناول جي مرڪزي ڪردار زينت جي تعارف وقت شروع ۾ ئي سڀ ڪجھ بيان ٿو ڪري ڇڏي. زينت جو تعارف ڪمري ۾ قرآن پڙھڻ دؤران ٿو ڪرائي ۽ سندس سموريون خصلتون ھڪ ئي ويرم ۾ بيان ٿو ڪري ڇڏي. مثلن زينت ھڪَ نيڪ سيرت ۽ صورت واري نهايت ئي سهڻي ڇوڪري آھي. سليقي ۽ سگھڙپائيءَ ۾ سندس ڪو ثاني نہ آھي. ھو صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکي ٿي. اٿ ويھ ۽ لٽي ڪپڙي ۾ ڏاڍي محتاط آھي. چھري تي مسڪراھٽ سدا سجائي رکي ٿي. ڪنهن لاءِ بہ حسد ۽ ساڙ نہ اٿس. پنج وقت جي نمازي ۽ پردي جو خاص خيال رکڻ واري آھي. فارغ وقت ۾ لکڻ ۽ پڙھڻ تي ڌيان ڏئي ٿي. زينت جو اھڙو تعارف کيس ڪا الهامي ۽ آسمان کان لٿل عورت ٿو بڻائي جيڪا ھر عيب کان پاڪ ۽ صاف ڇوڪري آھي. جا حقيقت ۾ ڪنهن بہ ڪردار لاءِ اڻ ٿيڻي ڳالھ آھي.

مرزا قليچ بيگ ناول ۾ جنهن ڳالھ تي زور ڏيندي محسوس ٿئي ٿو سا آھي سندس نصيحت ڀريو انداز. ناول پڙھڻ دؤران ڪنهن ڪنهن ويرم محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ڪا نصيحت آموز ڪهاڻي پئي پڙھجي. ھن عورت جي تعليم کي خاص اھميت ڏني آهي جا ھڪَ بهتر ڳالھ آھي پر ناول جي ھر حصي ۾ اھڙي ڳالھ کي آڻي بيهارڻ پڻ ھڪَ فني خرابي آھي. تنهن کان علاوه مرزا قليچ بيگ پردي جي اهميت کي پڻ گهڻو ظاھر ڪيو آھي پر حقيقت اھا آھي تہ پردو جسم جي ڍڪ کان وڌ اکين جي پرداداري تي زور ٿو ڀري. ھن وٽ عورت جو باپردا ھجڻ کان وڌ، دل جو پاڪ ھجن وڌيڪ اھم آھي. جنهن جو اظھار پڻ پڙهندڙ بار بار محسوس ڪري سگهي ٿو. تنهن کي پڻ فني نقص جي ڳاڻيٽي ۾ آڻجي ٿو. زينت جي مڙس علي رضا جو تعارف پڻ ڪجھ ان ئي انداز ۾ ڪرائي ٿو. جيڪو باھمت بہ آھي تہ بهادر پڻ، باضمير بہ آھي تہ غيرتمند بہ، زال سان پيار ڪندڙ بہ آھي تہ فرض شناس بہ، قدردان بہ آھي تہ سلجھيل ۽ سشيل پڻ. ڪردار جي ايتري چڱائي ۽ پاڪيزگي ناول کي حقيقت جي پهلو کان ڪوھين ڏور آڻي ٿي بيهاري. پر تنهن باوجود فتح خان سرائي جو قصو ۽ مڊل ڪلاس علي نواز مغل جي مسلم خاندان جي جيڪا تصوير ڪشي ڪئي اٿس سا ڪمال آھي. ميرن جي صاحبي جي ختم ٿيڻ جو وڌ ۾ وڌ اثر بہ وچولي طبقي جي مسلمانن تي نمايان پيو. جنهن جو بهتر اظهار پڻ ھن ناول ۾ ڪيل آهي، جو ناول جي خوبصورتي کي وڌائي پيو. جنهن انداز ۾ مرزا قليچ بيگ ھنن خاندانن جي عڪاسي ڪئي آھي تنهن مان ايئن ٿو ڀائنجي تہ ھوند پنهنجي ئي خاندان جو ذڪر ڪندو ھجي. جنهن لاءِ ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي درست لکيو آھي تہ، ”انھي ڪتاب ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي آڪھ جو ٿورو احوال ڏاڍي اٽڪل سان آندو اٿس.“ تنهن کان علاوہ حامد جي کرجي پوڻ بعد شيربانو پاران سٺل تڪليفن جي بہ بهترين عڪس بندي ڪئي اٿس.

ناول تي جيڪڏھن تفصيلي نظر وجهبي تہ ناول جا ڪردار، پلاٽ، قصا، ماحول ۽ ٻولي بهترين ۽ جاندار محسوس ٿئي ٿي. البتہ ڪافي ھنڌن تي جھول پڻ اٿس. تنهن بعد بہ مرزا قليچ بيگ طرفان شروع واري دؤر ۾ سنڌيءَ ۾ طبعزاد ناول لکڻ جي اها ڪوشش تمام بهترين ۽ وقتائتي آھي. سندس ناول کوڙ سارن جھولن ۽ فني خامين ھوندي بہ سنڌي ادب ۾ تمام اھم جاءِ والاري ٿو. اھو چوڻ ۾ ڪو بہ وڌاءُ نہ ٿيندو تہ ”زينت“ ناول اوائلي قصہ گوئـي ۽ جديد سنڌي ادب جو سنگم آھي، جنهن ذريعي سنڌي ڏاھپ قدامت پسنديءَ مان جدت طرف پير پاتو.

Tuesday, August 18, 2020

غزل توڻ جو وقت ٿيو، ٻارڻ ٻاريو مون دانگي چاڙهيندي،توکي ساريو مون ساحر هاليپوٽو

 



غزل

توڻ جو وقت ٿيو، ٻارڻ ٻاريو مون
دانگي چاڙهيندي،توکي ساريو مون

تنهنجي سار ٿڪل،مون وٽ پهتي جيئن
دل ۾ ويهاري ئي،در کي واريو مون

تولاء ڳهڻو ڪو،ڀانيان ٺاهي وٺان
چنڊ جو سون ڪچو، آهي ڳاريو مون

ڪڪرن مان ميڙي،بوندن چوڻون ڏيان 
 ٻاٻيهو ٿر جو،آ هڪ ڌاريو  مون

هيل ته سوچان ٿي، ماريندا پڪ سان 
سڪ جو رات به هڪ، آ سپ ماريو مون

راڻو ٿي نه سگهيس، او منهنجي مومل
توڻي عرصو ڪو،چانگو چاريو مون

ساحر هاليپوٽو

اوهان کان جيئن ئي وسري ويا اسان آهيون، مٽي ٿي واءُ ۾ وکري ويا اسان آهيون. انجم قاضي


سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ٿورن سان

 اوهان کان جيئن ئي وسري ويا اسان آهيون،

مٽي ٿي واءُ ۾ وکري ويا اسان آهيون.

اُها ٻي ڳالهه ته ساڀيان نه پاڻ ماڻي ڪا،
تڏهن به خواب کڻي جي ويا اسان آهيون.

جتي به واسُ اوهانجو مليو اسان کي آ،
اُتي بي ساخته رُڪجي ويا اسان آهيون.

حيات آهي سفر ۾ سڄي گذاري هيءَ،
اَڄاڻ پيچرا گذري ويا اسان آهيون.

نه آسمانُ نه ڌرتي پَتُو ڏئي انجم!
لڳي ٿو راهه ئي ڀُلجي ويا اسان آهيون.

انجم قاضي

آئي نه ڪا پڪار ڪٿي آ،
پهتي وڃي نهار ڪٿي آ.

روڪيان اُداس رات جو مان پر،
“هُن چنڊ کي مهار ڪٿي آ”

هن ڇوڪريءَ سواءِ ئي هاڻي،
مَنَ کي رهي ٻي سارَ ڪٿي آ.

ڪيڏو پکي بلند به اُڏري،
اک جيتري اُڏار ڪٿي آ.

موجود روحَ ۾ آ صدين کان،
هوءَ ڌار ٿي به ڌار ڪٿي آ.

سڀ ڏوههَ سڀُ قصور ها پنهنجا،
ڪنهن تي رکي ميارَ ڪٿي آ.
**
انجم قاضي

نڪور خوابَ اسان جي اڳيان اچي بيٺا،
وري سرابَ اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

جتان جتان به گُذر ٿيو ته درد سَوَ سامهون،
کڻي گلابَ اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

جڏهن به ديسَ جي تاريخ کي پڙهيو کولي
ڏکن جا بابَ اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

اوهان سواءِ ڏٺوسين نه اک کڻي توڙي،
سوين نوابَ اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

اڳيان پڙهي نه سگھياسين مٿان وري ڪيئي،
نوان نِصاب اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

ڪئي سي پاڻَ کلڻ جي جڏهن به ڪوشش ڪا،
اکين جا آبَ اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

سڄي حيات ئي “انجم” کڻي کڻي پيرو،
سدا عذاب اسانجي اڳيان اچي بيٺا.
**
انجم قاضي 
سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ٿورن سان

غزل محبتن جي مڳي لڳي ٿي، اها تہ دل جي لڳي لڳي ٿي. اقبال رند

 غزل


محبتن جي مڳي لڳي ٿي، 
اها تہ دل جي لڳي لڳي ٿي. 

ٺلهي لڳي ٿي، خُمار جي کِل، 
ملار جي رُت، ٺڳي لڳي ٿي.

بدن بدن ٿي وڃي وڪوڙي،
ٻري اُجهي ٿي، ڌڳي لڳي ٿي.

جڏهن بہ ٻيلي، کنڀي وڃن ٿا
تہ ٻانهن دل جي ڀڳي لڳي ٿي.

وِراڳ ۾ ٿي وري بہ وندري، 
تياڳ سان دل، تڳي لڳي ٿي.

اقبال رند

Monday, August 17, 2020

امر ثناء جي ناول ڀٽڪيل ماڻھو جو تنقيدي جائزو ممتاز مصطفي دوست

 

امر ثناء جي ناول ڀٽڪيل ماڻھو جو تنقيدي جائزو
ممتاز مصطفي دوست
هي افسانوي ناول تمام سادي ٻولي ۾ لکيل آھي,جنهن جوموضوع پيار۾ دوکوکائڻ کان پوء جي المين جي سفري ڪهاڻي تي مشتمل آهي. يقينن اهو موضوع ايئن آهي جنهن لاء  سنڌي محاورو اڄ به نمائندگي ڪري ٿو ته اهو وڻ ئي ڪونهي جنهن کي واء نه لوڏيو هجي.ان پيار جا ٻه پاسا ايئن آهن جيئن وسي ته ٿر نه ته بر ئي بر يا وسي ته ڪاڇو نه ته پياسو ئي پياسو. ساگي نموني هي موضوع جواني جي گهوڙي تي سوار ان پهرين پيار جي آتم ڪٿا جي دل جي ڪيفيتي عمل جو پرتاء آهي جيڪو پيار ۾ صرف ها کي قبول ڪري ٿو ۽ نه هن جي لاء  ڀٽڪيل ماڻهو ناول جي روپ ۾ اچي وڃڻ جو ڪارڻ آهي..اهو اڄ جي نوجوانن جو رستن تي رلڻ ،مئخانن تي مستم رهڻ يا اسين رول ماڻهو رليا سين ته ڇا ٿيو جو ڊڪشن ٿي سگهي ٿو.تاحم هي موضوع سدائين جيان هن وقت به وقتائتو ۽ هلندڙ حالات جي پس منظر ۾ لکيل آھي .ناول جو مک ڪردار ليکڪ پاڻ آھي ۽ هو راوي جو انداز بيان ڪندي پنهنجي ڀٽڪيل طويل ڪهاڻي کي پيش ڪرڻ جو ڏان ء رکندي اهڙي نوجوان جي ڪٿا بيان ڪري ٿو جيڪو علم جي اڃ لاهڻ لاء ورسٽي ويندي ورسٽي جي ناري يا سپنن ۾ ايندڙ نينهن جي ناري سان نينهن ڳنڍيندي چوٽ کائي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ دل وندرائڻ لاء ٻھراڙي جي ماحول ۾ اچي ٿو,جتي ٻيا ڪردار جن ۾ ماسات حفيظ ، ماسي زينت ۽ ماسي جي ڌي صائما سان گهر جي ڀاتين وانگي رل مل ٿي وڃي ٿو,سندس ماء ۽ حجائتي ڀيڻ صنم هن جو ڏس پنڌ تلاش ڪرڻ کان پوء آخر ماسي جي گهر پهچي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا,,,ان وچ ۾ رکي رکي صرف نينهن لائيندڙ شازيه يا ٻي سندس ساهيڙي سنڌو جي فون وڄندي رهي ٿي يا ڪڏھن چوي ٿي ساگر فون بند نه ڪجان,,آخر فون اٽينڊ ٿئي ٿي ۽ صفائي,شازيه پيش ڪري ٿي,ساهيڙين جي چالاڪن تان پردو کڻي ٿي,آخر ڀٽڪيل ماڻھو وري زندگي جي راه تي اچي ٿيلهو ڪتابن وارو کڻي پڙھڻ وڃي ٿو.

جيئن چيو ويندو آھي ته نوجواني جي لکڻ جو انداز رس خوبصورتي جو مزو پنهنجو هوندو آھي ھو اندر جو اظھار کي سچي نيت سان بنان رک کاء جي بيان ڪندو آھي. اهو رس ،ڪشش،تجسس يا پيار عشق مان اٿندڙ آلاپ ڪلراٺي زمين مان ڦٽندڙ ڊڀوڙي جي  تکي چهنب جيڪا ڪلراٺي چاپڙ کي ڏاري ڦٽي پوندي آهي ۽ ان مٿان رکندڙ پير ڦٽجي پوندا آهن ، ٻئي پاسي وري ميچوئر اديب پنهنجي مطالعي مشاهدي مقصديت اسلوب ۽ فن ۾ پختگي سان لکندو آھي پر ان ۾ ۾ ادب لاء حقييقي ادب گهٽ هوندو آھي,
مکيي ڪردار ساگر علم جو شوق رکي ٿو,پاڻ کي انقلابي رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو,ٻھراڙي جي لاجواب منظر ڪشي سان گڏ فطرتي حسن ,جماليات کان لطف اندوز ٿئي ٿو,اتان جا واقعن توڙي محاورن,رواجي لهجن ۽ روين کي نه رڳو جهٽي ٿو پر سهڻي انداز سان عام ٻولي واري لهجي هيٺ بحث ۾  آڻي ٿو,لفظن کي جهٽي نشاندهي ڪري ٿو جيڪا وڻندڙ ڳالهه لڳي ٿي. ۽ پڙهندڙ پڙهڻ ۾ دلچسپي پيدا ڪري ٿو
جيئن “مڇ ڪوڙ_کدڙو” کان ٻھراڙي جو عام ماڻھو الرجڪ يا سٺو نه سمجهڻ ۽ ٻئي پاسي شهپر وڏا رکرائرندڙ کي وري پڙهيل ماڻهو برو سمجهي تنظ ڪرڻ سان گڏو گڏ ويهڻ ۾ برو يا محتاط رهندو آهي . اهو موضوع مختصر ئي سهي پر مشاهدي ۾ شيون اهڙي نموني پيش ڪري ٿو ڄڻ اهي واقعا پاڻ عمل ڪري رهيا آهن يا جيئرا جاڳندا منظر نگاري ۾ نظر اچي رهيا آهن.اهو به هڪ ناول نگار جو فن آهي.پر طنز سان گڏ ٿورو ئي سهي پر دليلن سان ، اخلاقياتي اندازسان (دودي جي مرڻ بعد،هوشو جي مرڻ بعد شهپر ڦرڪندڙ مڙسي جون علامتون آهن،مڇ ڪوڙ علامه آء آء قاضي مسجدن جا خطبا ڏيندو هو ان کي شهپر ڪونه ها صا ايئن سمجهائي ها جيڪو شهپر وڏا رکي اهو شهپرن کي سنواري تاڪه شيون پاڻ سان کنيون ته نه وتن وغيره ) چوڻ سمجهائڻ سمجهائڻ ۾ قاثر رهيو آھي .
 
 ٻھراڙي جي فطرتي حسن ،عام ماڻهن جي سادي زندي جي حسن،شآم جو پکين ۽ ساهدارن جو پنهنجي آستانن تي ورڻ جو منظر،چڙن جي لار جي آتما پٺيان ٿڪائيندڙ احساس ۽ رات جو مچ ڪچهري،سگهڙائپ فن جي قدرداني واکاڻ کي سهڻي نموني پيش ڪيو آهي.اتي تعليم جي نه هجڻ سبب عام ماڻهن جي جي حضوري ،وڏيري جي اچڻ وقت صفائي جا انتظامن تي حيرانگي ۽ سوال،ٻهراڙي جي زندگي ۽ پسماندگي تي حيراني،طبقاتي مت ڀيد کي سٺي نموني ڪردار ساگر ناول ۾ اتساه جو ڪارڻ يا دلچسپي سان گڏ جيئڻ جو ثمر پيش ڪرڻ ۾ رول ماڊل ٿي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اتي  وڏيري جي منفي ڪردارسبب اسڪول بند ڪرائڻ, يا سندس ڌي صاديا سان عشق ڪندڙ کي مارائڻ جو واقعو بيان ڪرڻ , وڏي ڳوٺ جي پير جي حرڪتن عياشين “جن ” بهاني انساني تذليل يا عزيت ڀوڳنا واکي ڪئي آھي.انهن واقعن جي منظر نگاري ڪردارن ذريعي ڪري ڏيکارڻ گهرجي جنهن ۾ جن ڪڊيا وڄن ٿا ته  بهتر لڳن ها
ناول ۾ ڪردار انورٽيڊ کان آزاد رکڻ ,شاعري جي پرمار کان بچائڻ ,ڊگهن خطن مراسلن يا اي ميل جي استعمال کان بچائي جتي اڄ جي نوجوان ناول کي هڪ الڳ انفراديت ڏني آھي اتي هر ڪردار جي لهجي ٻولي انداز بيان ۾ يڪسانيت ڏيکاري ناول کي ٻين ليکڪن جيان جان وجهڻ م ناڪام ويو آھي.تشبيهن ۾ناسن مان ڪارو دونهو ڪڊڻ سميت کوڙ ساريون تشبيهون ۾ نواڻ ته ڪونهي البت لکڻي ۾ رس چس جو سماء شامل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي اتي روپلي ڪولهي جي تشبيهه واقعي سان ڪٿي به ٺهڪي نه ٿي جيڪا شامل ڪئي آهي جيئن ڇوڪري جو فون سان چهٽڻ وغيره.ناول ۾ ٻولي کي سگهاري بنائڻ لاء ڪٿي به ٻهراڙي جا ٺيٺ لفظ استعمال نه ڪيا آهن اتي ڪافي لفظ انگريزي استمال ڪري ٻولي جو بچاء ڪرڻ ۾ قاصر رهيو آهي. 
ناول جي پلاٽ ۽ مقصديت ۾ ٻين نوجوانن جي رومانس ۾ لکيل ناولن وانگي  مکيي ڪردار ساگر پڻ ساڳي تقطيع جي زير اثر آهي.اڄ جي نوجوان جي ذھني پرک ۾ وڏي کوٽ رکي ٿو,هڪڙي پاسي علم جون ,اقابري جون ,انقلاب توڙي تبديلي جون ڳالهيون ڪندي ڇوڪرين جي رومانس ۾ ڦاسي پوڻ ,ڀٽڪڻ جي ٽريڪ تي چڙھي هر شي کي داء تي لڳائي ٿو ,جيڏا بحث پيرن وڏيرن تي ڪري ٿو اوڏو بحث ڇوڪرين ڇوڪرن جي رومانس پيچيدگيون ,ڪامياب ناڪام ٿيڻ کي بحث آڻي حض ڪڍڻ کان ڇو قاصر آھي.؟
هي موضوع جيڏو رقم تراظ آهي اوڏو وقت جي پڪار ۽ سماج جي سڌاري لاء اهم باب پڻ. پر ناول نگار مصنف پنهنجي پيش لفظ ۾ اقرار ڪري ٿو
“ آء چاهيندي به هن جي پريت چاهت تي لکي ناهيان سگهندو.” .
...۽ پوء پاڻ کان سوال ڪندي لکي ٿو
“ آخر ڇو هن جي پريت تي لکي ناهيان سگهندو؟” 
ساڳي نموني ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي شازيه  لکي ٿي
“...پر جڏهن پنهنجن تي لکڻو هجي تڏهن هڪ لکندڙ لاء سڀ کان ڏکيو وقت اهو ئي هوندو آهي ڇا لکجي؟ ڪيئن لکجي؟...وغيره وغيره. 
 تيئن ناول ڀٽڪيل ماڻهو جو پلاٽ ڪافي ڪچاين سان ڪمزور، ۽ سوڙهي ڳلي جيان بند ٿي وڃي ٿو,ناول جو پلاٽ ڪمزور ۽ مقصديت دنڌلي ۽ مبهم رکڻ سبب الاهي ڪمزور لڳي ٿو,سندس ثانوي زندگي ۾ ٻئي اهم مک ڪردار شازيه کي نه صفائي جو موقعو ڏئي ٿو نه ٻڌڻ جي اهميت ڏئي ٿو,ڄڻ ته هي ڪردار آھي ئي ڪونه جنهن لئي ڀٽڪي ٿو ,شروع کان ئي پاڻ کي ڀٽڪيل ماڻهو ڄاڻائي هڪ اڌ صفحي تي اندر جا اٻار ڪڊي ٿو....رکي رکي فون جي وڄڻ ۽ نه کڻڻ  جو احساس ڏئي...آخري ۾ شازيه جي فون جي گهنٽي کڻي ڳاله ٻوله بعد تائين ايئن لڳي ٿو ته صرف ناول پوروڪرڻو آھي.

ليکڪ جيڪو ناول جو مکيه ڪردار ساگر آھي,,اهو لکڻي ۾ ڪٿي به ڀٽڪڻ جو راز بيان نٿو ڪري,ان  کان بهتر هوندو آھي ته ضمير متڪلم م پيش ڪندڙ ڪردار پاڻ  يا ته وڏو جگر رکن . جي ايم سيد وانگي ديار دل  داستان محبت جيڏي دل رکن يا ته پنهنجي ڳالهه فرضي ڪردار ذريعي کليل دل سان ڳالهائن جو حق ادا ڪرڻ ۾ عملي طرح ڪري ڏيکارڻ جو حق ڪردارن کان نه کسڻ گهرجي.

ناول نگار ۾ مکيي ڪردار با صلاحيت جتي متحرڪ آهي اتي باهمت نظر اچي ٿو .وقت ۽ حالات سان تبديل ٿيڻ جي صلاحيت رکي ٿو . ڀٽڪندڙ ماڻهو وري علم جي اساٽ لاء ورسٽي لئي ٿيلهو کڻي هڪ اتساه ڏئي ٿو .اهو اتساه ليکڪ لکڻي ۾ هينئن پيش ڪري ها
نينهن سان پيچ پائيندڙ ناري شازيه فون بجاء ان ڪريمداد وڏيري جي ڳوٺ ۾ ساگر کي ڳولڻ لئي اچي ها, ساگر ان بند اسڪول کي کولي ٻارن کي پڙھائڻ ۾ مهو هجي ها, ڇوڪري کي قتل ڪندڙ وڏيري جي ڌي ء  صاديا  پنهنجي محبوب جي ماء پوڙھي  سان گڏ اسيس وٺڻ لئي ان اسڪول ۾ ڇيڻي کي ڏيئو بنائي اسڪول داخل ٿئن ها,وڏيري جي ڌي روشن خيال لاڏلي پڻ پڙھڻ ۾ حصو وٺندي ٻه اکر پڙهائڻ ۾ پاڻ پيش ڪري ها,آخر شازيه داخل ٿي ساگر سان صفائي پيش ڪرڻ کان پوء علم جي لاٽ کي نئي جوت سان ٻاري لافاني ناول جي جاء والارڻ ۾ ڪامياب ٿئي ها۽ نئي نسل جو نمائده ناول ٿي افڪ تي بيهي ها.ليکڪ ايندڙ وقت جو نهترين ناول نگار ٿيڻ جي مبارڪ باد ڏجي ٿي,

Sunday, August 16, 2020

ڇا ڪاڇي ۾ مصوري ٿيندي آهي ممتاز مصطفي دوست ( اقتباس : ' وڻ وڻ منجهان واس" گڏيل شاعري )

 

ڇا ڪاڇي ۾ مصوري ٿيندي آهي
ممتاز مصطفي دوست
( اقتباس : ' وڻ وڻ منجهان واس" گڏيل شاعري )
کيرڪر(کير ٿر) جي ڪڇ ڪاڇي وچ ۾ ، جوهي مون کي درياه جي ڪنڌي ڀر "ڪراڙ " وانگي لڳندي آھي. فطرتي خلقڻھار، جو مصور به آ، مون ان مصور جي ڪاڇي متعلق مصوري جي جهلڪ ، ڪاڇيلڻ جي جهوپڙي ۾ ڏٺي،جهوپڙي اندر ڪاڇيلڻ جي ڪتاب پڙهندي وقت ڏٺي ،جهريل جهوپڙي مٿان سنهڙي برسات پئي رهي هئي ۽ ھو بي خوف ڪتاب جا پنا پڙھي ورائي رهي هئي ۽ جهوپڙي مان ست رنگي انڊلٺ،  آسمان طرف وڃي رهي هئي,مون کي ان وقت پڪ ٿي ته قدرت سادگين تي ساه ڇو ڏيندو آھي؟ 
ڪاڇي جي برپٽ سحره ۾ هڪ اڌ وڻ تي پکين جي آکيرن ڏي واپسي واري وراڻ ،جانورن جي اڌ ڊئو ۽ اڌ بک دوران ورندڙ ٽلين جي ٽار سا ن وٿاڻڻ ڏي وراڻ ۽  ورندڙ ڪاڇيلي جي  مٿي تي هڪ ويلي جي هڙ سان گڏ سندس ساٿ ۾ هلندڙ پاڇو شام لهڻي ڌاري قدرت جي رنگن ڪارسازين وانگي ايئن پر اميد نظر ايندو آهي .سندس اکيون ڀٽائي جو آسا پڙهنديون وينديون آهن ۽ اکين جي ڌارا ۾ وڳند جو سرمو گرمي وگهي ٽمي ڳڙندو رهندو آهي پر هو نه ٿڪو آهي نه زندگي مان مايوس.برپٽ ۾ لڳندڙ لکون،تيز هوائون واري جي ڀٽن ۾ پاڻ مرادو جڙندڙ مرد عورت جي ڄانڄن سميت اٺن جي ڪرهيون ڪاهيلڻيون ٿي  20 کان 25 فوٽن جيڏيون اوچيون ڊرنگ بند جو ويس پهرينديون آهن .انهن بندن تي ڪا شاعراڻي دل ڪاڇي جي سج جي آخري لالاڻ جي نظارن کي نظري اک جي ڪماليت سان اکين جي مصوري ۾ لفظن  جا بند هن طرح ٻڏي ٿو جتي ان قدرت جي مصوري تي پرسڪون نظر ايندو آھي 
کير ٿر تي سج لهڻ کان اڳي
ڊرنگ تان چو ڦير منظر شاهڪار ( مير محرم )
هي پٽ آباد ڪرڻ يا هنن برپٽ بيابانن , جابلو ڪنڌين جي سوڳ وسوڳ جي قدامتن ۾ نپجندڙ زندگين ۽ حياتين جي پرگهور لهڻ خلقڻھار مصور جي ذمري ۾ ايئن اچن ٿا جيئن صفا مروا جي وچ ۾ ڊوڙندڙ بيبي حاجره جي معصوم ٻار حضرت اسماعيل جي پرگهور ,,,,يا ڪعبي جي امر ازم ۾ اڳ ئي پيدا ڪيل خدا جي گهر جي پرگهور لهڻ لئي نقشن جون ليڪون تڪبنديون .
جي ايئن نه هجي ها ته عظيم مصور پنهنجي مصوري ۾ جوڙيندڙ ڪڪرن کي مستقل گهر ڏئي ڇڏي ها  ۽ خدا وشواس ڏيڻ لئي ڪڪرن جا قسم ئي نه کڻي ها,
يقينن ڪڪر بي گهر آھن,ڪڪرن ۾ بي وفائي به  ناهي,هو هوائن جي آڌار هلي ان هنڌ وسندا آھن جنهن وٽ پاڻي لپ جيئڻ ڪاڻ به مشڪل ملندي آھي,جتان جي زمين جي لڪل نباتات سليقو رکندي به پاڻي ڦڙي لئي انتظار ڪندي آھي,ها انهن ئي پٽن تي ئي ته نبي پيدا ٿيندا آھن ,حسناڪن انهن پٽن تي جنم ورتو آھي,سونهن سر بازار وڪامڻ نه چاهيندي به چاهت اڳيان بي وس ٿي پوندي آھي ,ماڻھن جي خريدار منڊي اتي جنم ٿي وٺي ۽ ھجرت به انهن پٽن مان ٿيندي آھي,لڏپلاڻ دوران دردن جا ديرا ڪنهن جي ماپڻ ۾ نه ايندا آھن,اهي سڀ حسناڪين جا منظر فنون لطيفه دل رکندڙ جهٽڻ ۾ ڪيڏي ميناڪاري رکندا آھن,پنهنجي حواسن کي تيز ڌارائن سان ايئن تکو ڪندا آھن جيئن موريا ڪٽ کي سراڻ تي لاهڻ لاء,
قدرت جي ڪارسازي ۾ ڪاڇو کيرڪر(کيرٿر) ،پهاڙ،آبشار،نئي،نباتات،سحره جوپٽ،رات جو چنڊ چانڊوڪي تي هرڻ جو ڀڄڻ،مست ٿيڻ،پاڻي جو کڏن ۾ پاڻ مرادو گڏجڻ جا نظارا پاڻ مرادو جڙييل آهن.ڪاڇي جي نازڪ مزاج رکندڙ،نفيسا فن رکندڙ جو يقينن ڪال ڪونه هوندو پر منهنجي مجبوري ۾ شاعرن جي گڏيل گيلري نما ڪتاب ۾ ڪجهه جهلڪن جون سٽون موجود آهن جيڪي لفظن جي مصوري جو فن رکن ٿا
فنون لطيفه ۾ هڪ شاعر وٽ حواسن کان سواء توڙي جو ڪجهه ڪونهي پر هو حواسن کان اجتمائي زندگي جي عڪسن ۾ نه رڳو پاڻ پر انهن پٽن جي زبان ,انهن پٽن جي درد فراق جون آھون,لڏ پلاڻ دوران بک بدحالي ۽ خالي پٽ گهر ڇڏڻ تي روئڻ ,حڪومت جي بي وسي يا حڪومت تي فرض بنائڻ لاء رڳو پوڙھي عورت جيان ڀتين تي ڇيڻا ٺاهي بجو هڻڻ سان بس نه ڪندا آھن پر آئينده جي خبرواري لئي پنهنجن ڇهن ئي حواسن وسيلي سوچ يعني ٽين اک جو فيصلو به ٻڌائيندا آھن ,اهي عڪس ملاحظا ۽ توجه طلب آھن

ماڪ جي صورت ۾ ڳلڙن تان,
لڙڪ ڳڙي پيا پره ڦٽي جو (زين کوسو )
**
قبي تي نه بيهي سگهي پئي هودڙي,
جهليندي ٿڪم عشق کان دل اياڻي ( مير محرم)
**
تنهنجو سفر پاڻي کانپوء واڻ وٽڻ تائين,
او ڪاڇائڻ تنهنجا مڳلي دهڪا مارن ٿا (مير محرم )
**
مينهن کي چئو هاڻ اچ به کڻي,
هوريان هوريان لڏي پيو پاڙو  ( مير محرم)
**
ماء کي ٻار کان ڇنو رسمن,
ٻار گهڻو ئي چنبڙيو چولي ۾, ( اداس لنڊ)
**
ڪٺي ڪانو ٿيا ها,وڏو گوڙ ٿيو هو,
نه خصلت ۾ بنجي سگهيا ڪنگ ماڻھو,,(خادم جسڪاڻي )
**
سک پهاڙ تي سمهي پيو آ,
ڏيهه ۾ جنجال جي ٽڪ ٽڪ (گهايل لغاري)
مٿين شعرن ۾ صنعت بلاغت جي موجودگي نظر اچي ٿي,ته ڪٿي ڇهين حس جي حساسيت موجود آھي,ته ڪٿي بصري عڪس جهٽيل آھن,ڪٿي ٻن حواسن ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو مرڪب اڻ کٽ مدي تائين گونجن ٿا,ته ڪٿي فنون لطيفه دل شاعراڻي مصور ٿي ان اڳڙين جي آڌار تي جڙيل هودڙي جا قبي تي بي وسي سبب سهاري لئي هٿ جهليندي ٿڪجن نٿا,ته ڪٿي واڻ وٽيندڙ ڪاڇيلڻ جي مڳلي تي دهڪن دوران جاڙي دنيا جي مصوري روپ سان گڏ لڏڻ ۽ موسيقي جا رائم ردم مسلسل ڪنن ۾ گونجڻ جا مصوري عڪس ايئن ٻرن ٿا جيئن ٻن ڪڪرن جي ٽڪرڻ وقت موسيقي آلاپ يا جبل مٿي ٻه ٽاڪرو ٻڪرين جي ٽڪرڻ وقت اٿندڙ تپش,

اهو ڪيڏو نه سچ آھي وسي ته ڪاڇو نه ته پياسو ئي پياسو,واقعي وسڻ سان پٽن جي سينن ۾ دفن ٿيل نباتات جي سليقيدار ٻجن مان حيرت انگيز سلا ڦٽي ڌرتي کي سرسبز چادر اوڍيندا آھن,پاڻي تي زندگي گهاريندڙ ماڻھن جي زندگي جا غم پاڻ مرادو پاسي ٿي خوشي جا ويس نغما ,ملڻ جا گيت ۽ ڪاڇي جي حسن وجمال کي جرڪائي وجهندا آھن,کير ڪر جي ڪنڌي هوا سان ڦولارن کي جهومائي وجهندي آھي,جهوپڙي جي ڇانوري ۾ پلجندڙ جواني هجي ، ٿلهي تي بيهي پاڻ سنواري يا ڦولارن وچ ۾ ڄانڀي جا گل پٽي گلن واري ڇوڪري بنجي آئينده جا آرس يينگهي ۾ ڇڏي,ان جا اولڙا عڪس هڪ شاعر جي قلم ۾ لفظن جا رومانس ڀري ٿو,شاعر ڏسڻي بصري عڪس سان پرزوق قرار جا رنگ ڀري هڪ فطرتي عڪس نگاري جي ڪيترو ته قريب وڃي ٿو جو ڪاڇو ڪاڇيلڻ جي وادي گاج ,نئي سوا سان گڏ شاعري آبشار ٿي پوي ٿي,مصوري ڪاڇي جي گيلري, 
ساوڪ سڄو, پٽوڙو,سرهي هوا ۽ تون مان,
ڄانڀي ڦولار ۾ آ ڪيڏو مٺو سرور ( مير محرم )
يا
تون جو ڦولار پويان ڦٽين ٿي پره,
روپ ڪيڏو نه پيارو وٺين ٿي پره (مير محرم)
**
تڏھن ڪشمير ٿي پوندو آ ڪاڇو وهي برسات ۾ نئي سوا جي هتي (اداس لنڊ )
**
سانوڻي ۾ برش ٻوڙي سونهن سان, پينگهه جوڙي ٿو مصور شاهڪار(مير محرم )


ميلي ۾ تُون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ اک ۾ ڳوڙها، هٿ ۾ گجرا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ شيخ اياز

 


غزل


ميلي ۾ تُون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

اک ۾ ڳوڙها، هٿ ۾ گجرا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


سَر سوتيءَ جي مندر ڀرسان بيٺو واجھائين،

ڪنهن لئه ترسي تنهنجي وِينا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


تُنهنجون اکڙيون پو به اُڃايون، تَل تَرايون سَوَ،

هرڻيءَ جھڙا منهنجا هِردا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


سانجھيءَ ٽاڻي ڪارا ڪڻڇي آکيري آيا،

پرڙا کولي پيار ـــــ پکيئڙا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


ساري جيون مايا سپنو، تنهن ۾ سَوَ سپنا،

او سپنا، سپني جا سپنا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


پير پَٽيءَ تي ناهي تُنهنجو، ڪهڙو تنهنجو ماڳ؟

رستي مان نڪتا سَوَ رستا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


او رکوالا! کوٽين ڇو ٿو هيءَ جيون جي رکَ،

آڻي اگنيءَ جھڙي آشا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


اونهاري جو سِجُ ته ناهي، آهه ازل جي اکَ،

هاءِ، ڇڏي ڇَنَ جا ڇانورڙا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


دانهون ٿو درياهُه ڪري، ٻُڌ ڪُن ڪُن جا ڪڙڪا،

ٻيڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ او ٻوڙا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


ڪاري رات، ڪَتيءَ ڏي ڪَرڪِي، ڪائي ڪُونج اُڏي،

پيارا تُون به تڪيندي تارا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


وَسندو رهندو آهي تو وٽ، سانَوَڻ ساري رات،

ڳوڙها ڳوڙها نيڻ نماڻا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


ڪوبه نه ايندو ، ڪوبه نه ايندو، ڪوبه نه تُنهنجي دُوار!

بند ڪري ڇڏ هي دروازا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


اَڻ ٿيڻيءَ کي چاهين، تنهنجي ٿِڻيءَ سان نه پَوي،

ڏِس ٿيڻيءَ جا ٿوڻيون ٿنڀا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


هي مَٿرا جا مندر، سانجھيءَ ويلي جمنا گھاٽَ،

مَنَ ۾ سِنڌوءَ جا سَوَ سپنا، ڪنهنن کي ڳولين ٿو؟


برندا بَن ۾ آيو آهين، ڪنهن جي لاءِ ڪَوي،

ڪنهن جي بنسي! ڪهڙي راڌا؟ ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


شايد تُون ئي پاڳل پُري پاڳل خاني ۾ ــــــ

پاڳل گڏجي توتي کِلندا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


هارُ هندوري ۾ ڪيرايو، جيڪو مُنڌَ مُئيءَ،

موتي موتي ٿي ويو پيارا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


خاڪ اُڏاڻي، ڪاڪ ڪري پئي، پوئين پهر ’اياز‘!

ڪهڙي مُومل منهنجا راڻا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


شيخ اياز

بيخود بلوچ

 


بيخود بلوچ 


ادبي نانءُ : بيخود بلوچ

اصل نانءُ : فتح الله جسڪاڻي

جنم : 14ـ08ـ1971

جنم ھنڌ : ڳوٺ جمعو جسڪاڻي پنوعاقل ضلعو سکر

تعليم : ايم _ ( سنڌي ) بي ايڊ

ڪرت : استاد


ڇپيل ڪتاب : 

(1) درد امنگ دل ۾ ( 1995 )

(2) ھوا ۾ ٻرياسين ( 2004 )

(3) ٻوليون لوليون ٻارن جون ( 1995 )

(4) جاڳو ٻارو ( 2010 )

(5) اعتراض ( 2019 )


ايوارڊ / اعزاز

بيدل ايوارڊ ، امير بخاري ايوارڊ ، گدائي ايوارڊ ، ڪنور رام ايوارڊ ، لائيف ٽائيم ايوارڊ ، سنڌ ٽي وي ايوارڊ ، مھراڻ ٽي وي ايوارڊ سميت مختلف تنظيمن/ ادارن طرفان مڃتا سرٽيفڪيٽ


تنظيمي وابستگيون : 

سنڌي ادبي سنگت ، شاھ لطيف فائونڊيشن ، جاڳرتا فورم ، سرھاڻ سماجي ڪائونسل ، نصرالله جسڪاڻي اڪيڊمي ، اظھر اڪيڊمي ، راھ فائونڊيشن ، جوائنٽ سوشل الائونس سميت ٻين سماجي ثقافتي تنظيمن سان وابستگي .


نثر نگاري : مختلف ڪتابن جا مهاڳ ، بئڪ ٽائيٽل ، مضمون ، تاثر ،مقالا وغيره

ٻين ٻولين ۾ ڪم : اردو ۾ غزل ۽ ٻارن لاءِ شاعري

رابطي لاءِ فون نمبر 03023601945

غزل زماني ڇڏيا ٽوڙي سپنن جا گُھنگهرو, حياتي وڄائي پئي دردن جا گُھنگهرو. گهايل لغاري

 


غزل       

زماني ڇڏيا ٽوڙي سپنن جا گُھنگهرو,
حياتي وڄائي پئي دردن جا گُھنگهرو.

وڇوڙي  اکين  ۾  مها  ٻوڏ  آندي,
ٻڌي ڪين سگهيو ڪو ڳوڙهن جا گُھنگهرو.

محبت جي پاڻي ۾ اوجر ڪري ڏي,
ڪسيا وقت جيڪي به جيون جا گُھنگهرو.

تماشائي ڇاتيء تي نظرون رکي ٿو,
سُڃاڻي اهو ڪيئن فاقن جا گُھنگهرو.

چيو يار دل جي اکين ۾ تون آھين,
چپن تي وڳا خوب مرڪن جا گُھنگهرو.

سُڪل ٺوٺ ست ۾ ڳڀي سُرت آندي,
روڪي ڪير هاڻي جذبن جا گُھنگهرو.

گهايل لغاري

Saturday, August 15, 2020

چُلبُل_پانڊي آصف ڪلهوڙو

 

چُلبُل_پانڊي !!!


ٻالڪ منڊلي روز ساڳيون رانديون کيڏي کيڏي مانڌي ٿي پئي هُئي ۽ اُٻاڻڪا نم جي وڻ هيٺان ويٺا هُئا. تان جو کيمون کيچلي کي دماغ ۾ هڪ کيچل سُجهي؟


نڪ ۾ آڱر گُهمائيندي اُڀ ڏاريندڙ رڙ ڪيائين ”نه ويندين دسي وجهندوسانءِ ڌوڙ “! 


يڪدم سڄي منڊليءَ جو ڌيان کيمون کيچلي ڏانهن ٿي ويو ۽ هڪ آواز ٿي سڀني چيس، خير ته آهي توکي ڪهڙي ڏينڀونءَ ڏنگيو جو ٻاگهو ڦاڙي رڙ ڪئي اٿي؟


سو کيموءَ به نه ڪئي هم نه تم سڀني کي چيائين ”چُلبُل پانڊي“ واري راند ٿا کيڏون ۽ ان ۾ چُلبُل پانڊي پوليس وارو نه هوندو؟ 


ان تي سڀني پُڇيس ته پوءِ چُلبُل پانڊي ڇا هوندو يا ڪهڙو وري نئون ڌنڌو سنڀاليندو؟


کيمونءَ وراڻيو چُلبُل پانڊي استاد هوندو ۽ پنهنجو پُراڻي ڪِرت واري ريت کي نڀائيندو ۽ اسان کي پڙهائيندو!


هيڪر ته سڀني کي حيرت لڳي، پر پوءِ به سبني هائوڪر ڪئي ۽ ناٽڪ منڊلي مچائي وئي. جنهن ۾ کيمونءَ ٿيو اُستاد چُلبُل پانڊي ۽ ٻيا سارا سنگتي ٿيا سندس جا شاگرد!!


ڪلاس روم جو منظرـ


سُس پُس جاري آهي، ڪنهن جو ڪهڙو قصو ته وري ڪنهن جا ڪنهن جي ڄُنڊن ۾ هٿ. ڪو سبق ياد ڪرڻ ۾ ته ڪو وري اکين جو پِچيون ڪڍڻ ۾!


تان جو در تي سوٽيءِ جي زيپٽ جو وسڪارو ٿيو ۽ سائين چُلبُل پانڊي ڪمري ۾ پنهنجي هيبتناڪ انٽري ڏني!


سُس پُس، قصا، ڄُنڊن ۾ هٿ، سبق پڙهڻ جو آواز ۽ پچين وارين اکين ۾ پيل آڱر؛ جتي هُئا اُتي بيهجي ويا!


ٻه چُست شاگرد ترت وڃي سائينءَ جي ڪُرسيءَ جي ويجهو پُهتا، ڪرسيءَ کي تڪڙو ڇنڊڪو اچي ويو. سائين جن پنهنجو پاڻ سٽيو ۽ گهڙي کن لئه خالي خالي نظرن سان ڪلاس کي تڪيندو رهيو!


سامت ۾ اچڻ کانپوءِ هٿ جي اشاري سان چُست شاگردن کي اشارو ڪيائين، پنهنجي ماڳ ڏانهن وڃڻ جو ۽ هينانءُ ڏاريندڙ انداز ۾ چيائين ”سبق ڪنهن جو ڪنهن جو ڪچو آهي، سي اُٿي بيهن؟“


سبق ڪچي هُئڻ واري ڪابينا ڪنبندي ڪنبندي اُٿي بيٺي ۽ سائين چُلبُل هوا ۾ سوٽي گُهمائيندي اچي سندن جي پاسي ۾ ٿي بيٺو. بنا ڪنهن آڏي پُڇا جي سائينءَ جي سوٽي هوا کي چيريندي هٿن تي جهنگلي رقص ڪرڻ لڳي ۽ ڪنن ۾ ”شيدي باشا همباشا جا آواز ايندا رهيا!“


ڪلاس جي باضابطه شروعات جو آغاز ٿي ويو، سبق پڪي واري ڪابينا واري واري سان صديون پراڻي ريت نڀائيندا ويا ۽ پنهنجو پاڻ سٽيندا ويا!


سائين چُلبُل سندن جي ساراه ڪئي!


ان کانپوءِ مور ڏانهن گهوري ڏٺائين، مور سمجهي ويو! ڪتاب سميت اچي سائين جي ڀر ۾ بيٺو ۽ نئون سبق پڙهڻ لڳو. سبق پڙهي ان کانپوءِ بورڊ تي ڏکين لفظن جي معنٰي لکيائين ۽ سوالن واري مشق ٻُڌائي وڃي پنهنجي بئنچ ڀيڙو ٿيو!


ان کانپوءِ سائين چُلبُل اٿيو، ڪپڙا ڇنڊيائين ۽ روز وارو داٻو ڏيندي چيائين ته ”سڀاڻي جنهن جو سبق ڪچو هوندو سو سوٽيءَ جو سينگار ٿيندو.“


سائين ڪمري مان نڪري ويو!


سُس پُس، قصا، ڄُنڊن ۾ هٿ، سبق پڙهڻ جو آواز ۽ پچين وارين اکين ۾ پيل آڱر؛ وري ٻيهر پنهنجي نئين انداز ۾ حرڪت ۾ اچي ويا!


#آصف_ڪلهوڙو !!!

چاچا_مُنهنجي_ڪهاڻي_لِک آصف ڪلهوڙو

 

چاچا_مُنهنجي_ڪهاڻي_لِک !!!


هينانءۡ ڏاريندڙ گُهپ اونداهيءَ ۾ ڪنهن جي ڊوڙندڙ قدمن جو آواز ڪنن تي پيو۽ گهر ڏانهن وڌندڙ قدم رُڪجي ويا. قدمن جو آواز ويجهو ٿيندو ويو تان جو سهڪندڙ ساهن جو آواز به ڪنن تي پيو ۽ ڀر ۾ بيٺل ٻار دانهن ڪري چيو ”چاچا مُنهنجي ڪهاڻي لک.“


موبائل جي جهيڻي روشنيءَ سان سندس جي چهري کي تڪيندي، پُڇيومانس تو تي ڪهڙي ڪهاڻي لکان؟


وراڻيائين؛ منهنجي جهيريل وجود جي ٽُڪرن تي! جنهن ۾ تون لِک ته جيئڻ جي مجال واري خطا جا مون ڪئي آهي، سا ڏاڍي ايذائيندڙ آهي چاچا!


چاچا مان ساه ۽ ساعتون کپائي، مانيءَ ڳڀو ميڙيندو آهيان ۽ اُن ڳڀي جي ڳولا ۾ مون پنهنجو پاڻ کي چيڀاٽجندي ڏٺو ۽ سَٺو آهي!


۽ چاچا منهنجي گهر جو هر ڀاتي پوءِ به بُکن ۾ پاه آهي! چاچا مون ٻُڌو آهي هتي کوڙ سارا مُعتبر آهن؛ جيڪي اونداهيءَ ۾ گهيريل وجودن کي روشنيءَ جي نرواڻ سان نوازيندا آهن. ٻيو اهو به ته شايد هُو لفظن سان مانيءَ ڳڀا تخليق ڪندا آهن ۽ ها بُک ڀڄائيندا آهن!


ٻيو اهو به ٻُڌو ته اڄ ڪلهه ليکڪ ۽ شاعر حُسن، شراب ۽ عورت جو ذڪر به نه ڪندا آهن پنهنجن لکڻين ۾. صرف ۽ صرف مون جهڙن غريبن تي لکندا ۽ لوچيندا آهن! 


سو چاچا توکي پنهنجي مُرشد جو واسطو اٿي، مُنهنجي لاءِ ڪُجهه لک، ته جيئن مان هن گُهپ اونداه مان نڪري سگهان. ۽ ها چاچا مان هر رات اهڙن ليکارين پويان ڊوڙي ٿڪجي پيو آهيان، پر مون لاءِ ڪوئي نٿو لکي مان ڪنهن کان خيرات صفا نٿو گُهران چاچا!


ها پر اهو ضرور ٿو چوان ته هيڪر مون لاءِ لِک!


بس هيڪر مون لاءِ لِک!


مون لاءِ لِک!


لِک!


اونداهيءَ ۾ اوچتي ماٺ ٿي ويئي!


ڪنن تي ساڳيو ڊوڙڻ جو آواز پيو ۽ پري ٿيندو ويو! گُهپ اونداهيءَ ۾ گُم ٿي ويو، جنهن چيو ”چاچا مُنهنجي ڪهاڻي لِک!“


ـ مان ڪُجهه به نه ڪُڇي سگهيس، بس اونداهيءَ ۾ اونده کي گهوريندو رهيس!


۽ ڪنن ۾ ڪيئي آواز ٻُڌڻ ۾ ايندا رهيا! 


اسين شُهرت جا بُکيا ۽ شعور کان عاري وُجودن جو بار گهليندا گُهمندا ٿا وتون!


بس فقط جيئون پيا لفظن جي اوٽ ۾ ۽ ماڻهن جي ڏُکن ۽ ڏوجهرن کي نپوڙي پنهنجا پنا ڪارا ڪري، واه واه جو ليبل پيا لڳايون پنهنجون پاڻ تي!


#آصف_ڪلهوڙو

اسين_تُنهنجي_جيون_جو_ٻارڻ_آهيون آصف ڪلهوڙو

 


اسين_تُنهنجي_جيون_جو_ٻارڻ_آهيون !!!


وشال سڙڪ جي گدلي فُٽ پاٿ تي مٽيءَ ۾ ڀڀوت ماءُ ۽ سندس جا ٽي ٻارڙا، جيون جي گذرندڙ هر گهڙيَ ۽ ڏينهن کي پِني ساهن ۾ ساه وجهي، چنگهندڙ جيون کي نوبنو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن!


اهڙا هڪ نه هزار قصا آهن، جيڪي مٽيءَ ۾ ڀڀوت جيون کي اُجرو ڪرڻ جي سوچ کان آجا آهن. ان لاءِ جو سندن جو جيون اجرو ٿيڻ جي منزل کان ڪوهين ڏور آهي، ان لاءِ جو جتي مانيءَ ڳڀو ملڻ ئي محال هجي؛ پوءِ اتي اجرڻ جو ڏانءُ ڪٿان هٿ ايندو!


ڀوڳ چرچا، سياسي تذڪرا، آزاديءَ جا خواب، نظريئن جي ڀرمار، شعوري اوسر، ولولو ۽ انقلاب؛ هي سڀ ڳالهيون بي معنٰي آهن. درد کي بي درد چوڻ ته سولو آهي پر ان جو درمان ڏاڍو ڏُکيو آهي!


ها!!! هُو ته رت چوسين پيا ۽ چوسيندا رهندا، سندن جي جيون جو ٻارڻ رتُ جي چُوس ئي آهي!


هر گهڙي ۽ هر پهر هٿ ٽنگيل! ڪجهه ڏيو ته پيٽ جهڙي جيئري دوزخ ۾ وجهي ان جي آڳ اُجهايان!


ڀلا ان کان وڌ ڪهڙي سزا ۽ جزا، جتي ڄمندي ئي آويءَ جي منهن ڏسڻو پوي ۽عمر ساري ان ۾ پچڻو پوي!


ماڻهو مال ميڙي ثواب ٿا ڪمائين، سُکائن ۽ باسن وسيلي محبوب ٿا ريجهائن. اسين آهيون جو رت جو ريج ڏئي اوهان جون پوکون ۽ پکا ٿا اڏيون!!!


اخلاقيات جا درس به اسان لاءِ ۽ قانون جا ڪاپاري هٿ ڪڙول به اسان جي نٻل ٻانهن ۾!!!


تاريخ ۾ درج قصا، جن ۾ به ذڪر آهي، ڄوءرن جو جن رت چوسڻ جي ريت کي، نت نوان رنگ ڏئي؛ ڪوس ڪيو آهي!!!


هن دور ۾ به گهڻيون ئي ڳالهيون پڙهون ۽ ٻُڌون ٿا، سڀ هوائن ۾ هلايل تيرن جيان پنهنجو پاڻ ۾ چُڀندي سهون ٿا!!!


انصاف جي ساهمي ۽ پٽي ٻڌل ديوي، مذهبي فلسفا ۽ رواداريءَ جا درس، وردين جا واسينگ وراڪا، سياسي شُعليبازيون ۽ حِرفتون، پيٽ ۾ ڏاڙهيءَ وارا ڏاها ۽ تصوراتي دنيا جا اڙٻنگ جوڌا !!!


هي دنيا به ڪنهن بلڊ بينڪ جيان ٿي وئي آهي، جتي انساني رتُ بوتلن ۾ رکيو ويو آهي کپڻ لاءِ !!!


سڀ ڪجهه تباه ڪرڻ ۽ ٿيڻ جو عمل جاري آهي ۽ اسين پنهنجي واري جي انتظار ۾ آهيون !!!


#آصف_ڪلهوڙو !!!

سانت آصف ڪلهوڙو


سانت !!!


اِش اِش اِش، هڪ ڊگهي سانت ۽ خاموشيءَ جي ور چڙهيل زبانون، لرزن پيون. جن جي ٿڙڪڻ جو احساس به جي چپن تائين پهتو ته سي چپ ڪپجي سگهجن ٿا!


اُهي سندس جا آخري لفظ هُئا ۽ پوءِ خبر ناهي ته هو غُفا ۾ گم ٿي ويو يا هُن کي آسمان ڳهي ويو هو!


ٻُڌو آهي ته هُو هڪ رات جو، جيڪا هر رات جيان هُئي! پنهنجو ڪتاب کڻي نڪتو هو، جنهن ۾ لکيل هو ته آزاد انسان کي پر نه هوندا آهن!


۽ ان ۾ لکيل هو ته عام انسان ئي اصل ۾ سچو پچو انسان هوندو آهي. جيڪو فقط تازي ۽ صاف هوا ۾ ساه کڻي جيئڻ چاهيندو آهي. پنهنجي جيون جي هر پل کي ساه کڻندي ڏسڻ چاهيندو آهي!


ان ڪتاب ۾ لکيل ڳالهيون بلڪل سوليون هيون، پر سولي ۽ سهنجي ڳالهه کي سمجهڻ جي ضرورت هُئي. جنهن کي هو سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جا جتن ڪندو هو!


عقلي سفر جي شروعاتي ڏيهاڙن کان ويندي اڄ تائين جي عملي دور تائين جي هر پني کي هن غور سان پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي!


جنهن ۾ هُن کي هر هنڌ اها شاهدي ملي هُئي ته آزاد هوا ۾ ساه کڻڻ ۽ آزادي ماڻڻ سان ئي اونده جي قيد مان آزاد ٿي سگهجي ٿو ۽ جهان کي واڌايون ڏئي سگهجن ٿيون!


پر هر گهٽي ۽ گهيڙ تي ڇپ هنيون ويٺل شڪاري، ڪتاب جي انهن پنن ۽ پڙهندڙ کي چيرڻ جي جيڪا سٽ سٽيون ويٺو هو؛ تنهن هُن تي شڪاري باز جيان لامارو ڏنو ۽ کيس کي اُڏائي ڪنهن اونداهي ڏانهن کڻي ويو!


بس هوا ۾ ڪتاب جا پنا به اُڏامي پنو پنو ٿي ويا ۽ انهن جي پنن وکري وڃڻ کانپوءِ؛ ماحول کي هڪ ڊگهي سانت ڳهي وئي!!!


آصف ڪلهوڙو !!!

 

غزل هر ڳاله ۾ تون، تو کان پوءِ هر ڪا ڳاله ختم، بِن تنهنجي هي جيون بي معنيٰ، ڳاله ختم، آغا جان آغا

 


غزل 


هر ڳاله ۾ تون، تو کان پوءِ هر ڪا ڳاله ختم،

بِن تنهنجي هي جيون بي معنيٰ، ڳاله ختم،


دنيا خوابن جهڙي، آهي، ناهي جهڙي،

تون ئي سچ باقي سڀ افسانا، ڳاله ختم،


چوٽ لڳي رڙ نه ڪيم، درد ٿيو جام ٿيو،

پَردي جَي پُٺيان ڪي پنهنجا هَا، ڳاله ختم،


ساه پَٽڻ جي ٿوري مهلت ڏيو ته نوازش،

هي دنيا، بس اوهان جي دنيا، ڳاله ختم،


هِڪ هِڪ ٿِي هر خواهش، دل چيري نڪري وئي،

دل کي چَئو ڌڙڪين ڇو ٿي بيجا، ڳاله ختم،


ياد آ هڪ جملو تنهنجو جڳ کي چيو پَي تو،

“ سڀ کان پيارو آ منهنجو آغا، ڳاله ختم ”


2020 08 14

آغا جان آغا




Tuesday, August 11, 2020

(مختصر ڪهاڻي) وچن امر جليل

 
            (مختصر ڪهاڻي)

وچن 
امر جليل 
جڏهن حال اونداهو هوندو آهي، تڏهن ماضيءَ جي ڪنهن ياد جي روشنيءَ سان حال کي روشن ڪبو آهي! هيءَ ماضي قريب جي ڳالهه نه آهي. هيءَ ماضي بعيد جي ڳالهه آهي. هيءَ ان ماضي بعيد جي ڳالهه آهي، جڏهن اسان جي گفتگو زمان ۽ مڪان جي پابندين جي محتاج نه هوندي هئي. تڏهن افق محض نظر جو دوکو نه هوندو هو. افق جي ٻئي پار تي ڌرتي ۽ آسمان پاڻ ۾ ملندا هئا. سچ پچ ملندا هئا. تڏهن، اهو شهر آباد هوندو هو، جنهن و نالو اڄوڪي دور ۾ ماڻهن موهن جو دڙو رکيو آهي. 
سنڌوءَ چيو، ”اڄ زندگيءَ جي مام متعلق ڳالهائينداسين.“ 
چيم، ”تون منهنجي زندگي آهين، مان تنهنجي باري ۾ ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان.“ 
سنڌوءَ پڇيو، ”ايئن ڇو آهي، جو تو پنهنجي زندگي مون سان وابسته ڪري ڇڏي آهي.“ 
مون سنڌوءَ ڏانهن نهاريو. هوءَ مون عظمت ۾ آسمان کان اوچي نظر آئي. هن جو حسن ڪنهن به تشبيهه جو محتاج نه آهي. سندس سونهن ڪنهن ڀيٽ جي ڪاٿي کان بلند آهي. هوءَ ايتري قدر ته دلنشين ۽ بينظير آهي، جو جملن جي جوڙجڪ ۽ لفظن جي بيهڪ هن جي ابديت آڏو بي معنيٰ آهي. هوءَ احساس آهي يا منهنجي احساس جو لازمي عنصر آهي. هن مون کي محسوس ڪيو آهي.  پنهنجي وجود جي اندر ۽ پنهنجي وجود کان ٻاهر. اسان جي پراسرار محبت اظهار جي محتاج نه آهي. 
ان دفعي ڳالهين ۾ ويٺاسين ته هن مون کان پڇيو، ”ايئن ڇو آهي. جو تون پنهنجي زندگي مون سان وابسته ڪري ڇڏي آهي.“ 
چيم، ”تنهنجي سوال جو بيحد ننڍڙو جواب مون  وٽ آهي.“ 
پڇيائين، ”ڪهڙو؟“ 
چيم، ”محبت جي تاريخ ۾ مان تنهنجي حوالي سان ياد ڪيو ويندس.“ 
هوءَ خاموش رهي. 
مون چيو، ”جڏهن به انوکي، نرالي ۽ پراسرار محبت جي ڳالهه نڪرندي، ماڻهو تنهنجي ۽ منهنجي محبت جو ذڪر ڪندا.“ 
هوءَ منهنجي پاسي مان اٿي ويئي. ٻه چار وکون کڻي بيهي رهي ۽ پولار ۾ نهارڻ لڳي. مان سندس پاسي کان وڃي بيٺس. پڇيم، ”ڇا پيئي سوچين سنڌو؟“ 
منهن ورائي مون ڏاهن ڏٺائين ۽ چيائين ”ايڏي وڏي دعويٰ جو مطلب سمجهين ٿو؟“ 
چيم، ”ها، پنهنجي دعويٰ جو مطلب سمجهي سگهان ٿو. پنهنجي دعويٰ جو مفهوم به سمجهي سگهان ٿو.“ 
پڇيائين، ”نباهي سگهندين؟“
سندس عميق اکين ۾ ڏسندي چيم، ”تنهنجي محبت ۾ مان جڏهن فنا جي درجي تي پهچندس ۽ موهن جو دڙو ٿي پوندس، تڏهن ماڻهو منهنجن کنڊرن مان تنهنجي ياد جا آثار ڳولي ڪڍندا.“ 
مون اڪثر سنڌوءَ لاءِ پنهنجي محبت جي باري ۾ سوچيو آهي. مون کي پنهنجي محبت جو ڪو انت نظر نه آيو آهي. مون کي پنهنجي محبت جو ڪو حل سمجهه ۾ نه آيو آهي. بس، هڪ احساس آهي جيڪو صدين کان منهنجي ساهه ۾ سمايل آهي. هر جنم ۾ اهو احساس منهنجي وجود سان شامل رهيو آهي. هر جنم ۾ مون کيس چاهيو آهي. هر جنم ۾ مون کيس وڃايو آهي. 
مون سنڌوءَ کي چيو، ”ڪنهن جنم ۾ مان ليکڪ ٿي پيدا ٿيندس. اخبار لاءِ ڪالم لکندس. رسالن لاءِ افسانا لکندس. منهنجين تحريرن ۾ ڳالهه ٻئي ڪنهن جي هوندي، پر اصل ۾ ذڪر توسان منهنجي محبت جو هوندو.
محبت جو وچن پاڙڻ لاءِ مان موٽي آيو آهيان.

چئبو، ايئن آهي...! (ڪھاڻي) ضراب حيدر

 

چئبو، ايئن آهي...!   (ڪھاڻي)   
ضراب حيدر

سَالن پُڄاڻان وري هُن جو خط آيو، 
”ننڍپڻ جا دوست، سال ٿي ويا آهن، توکي ڏٺو ئي ڪونھي، سولائي سمجهين ته ديدار ڪرائي وڃ.“
هو منھنجو ننڍپڻ جو دوست هُئو، لاهور ۾ رهندو هُئو، پرائمريءَ تائين اسان گڏ پڙهياسين، جڏهن سندس ڏاڏو گُذاري ويو ته پنھنجي ڪُٽنب سان گڏ هميشه لاءِ هليو ويو، هن سان خط پٽ جو سلسلو سالن کان ھوريان ڏاڍيان ھلندو رهيو ھئو. ٽيھن پنجٽيھن ورھين کان اسان ھڪ ٻئي کي رڳو تصويرن ۾ ڏٺو ۽ ھئو ۽ خطن ۾ ڳالھايو ھئو. ھو ھر ڇھين مھيني يا سال ـ اڌ کان پوءِ نوڪري بدلائيندو رھندو ھئو، تنھنڪري  ھن سان خط ڪتابت مختلف ائڊريسن تي ٿيندي رهندي هُئي. تازي موڪليل خط جي آخر ۾ هُن پھريون ڀيرو پنھنجي گهر جو ڏس پتو لکيو هُيو، جيڪو پوسٽل ائڊريس کان مختلف هُئو. خط ۾ ھن ڏاڍي اڪير ۽ حُب ڏيکاري ھئي ۽ زور ڀريو ھئو تہ زندگيءَ ۾ ھڪ ڀيرو مُنھن ڏيکاري وڃ.
مان غريب ڪلارڪ ماڻهو، سالن کان شوق هُئو ته دوست سان ملان ۽ لاهور به ڏسان. خبر ناھي ته دوست سان ملڻ جي سِڪ وڌيڪ ھئم يا لاھور گُهمڻ جي سَڌ، پرڪڏهن به اهڙو موقعو ميسر نه ٿيو هئو، هڪ مسڪين ماڻهو، ٻيو گهر ۽ ذميواريون، سو منھنجي لاءِ ته ڪراچي به ولايت ھئي ۽ ڪراچي به ڪو سالن ۾ ڏسبي هُئي سا به آفيس جي ڪنھن ڪم سانگي سان.
تازو مون گهر جي مرمت لاءِ جي پي فنڊ مان ڪجهه پئسا ڪڍرايا هئا، خير خوبيءَ سان گهر جي ڪھڪِيل به ٿي وئي، ڪجهه ڏوڪڙ بچيا ته سوچيم ڇو نه يار سان به ملي اچان ۽ لاهور به ڏسي اچان. مان ريل جي ٽڪيٽ ڪرائي وڃي لاهور پھتس، رات ٿي چڪي ھئي. اسٽيشن تان رڪشا پڪڙي، سندس ڏنل ڏس پتي تي وڃي، سندس گهر پُھتس، هو مون سان ملي ڏاڍو خوش ٿيو، ڏاڍي خاطر تواضع ڪيائين. آئون جڏهن سندس پاڙي ۾ پھتو هئس ته عجيب رنگ ڏٺو هئم، اهڙو ئي رنگ جيڪو حيدرآباد جي سيلاوٽي پاڙي جو هوندو هئو. رات جو ڪچھري ٿي ته پڇيومانس، ”يار! هتي لاهور ۾ به سيلاوٽي رهندا آهن ڇا؟ تو واري پاڙي ڏانھن آيس پئي ته ڪجهه گهٽين جو  رنگ ڪجهه اِهڙو لڳو؟“ 
”سلاوٽي ڪھڙا؟“
”اڙي يار! حيدرآباد جي ٽاور مارڪيٽ ڀرسان وارو روڊ سمورو سلاوٽين جو پاڙو آهي، ياد نه اٿئي خوجن جي جماعت خاني وٽان هلندا هئاسين ته سلاوٽي عورتون گهٽين کي به گهر ۽ پڌر ڪيون ويٺيون هونديون هُيون.“
”ها ها، ياد اٿم... پر يار اھا ته شريف ڪميونٽي آھي، انھن جون عورتون اشراف ۽ عزتدار آھن...“ هو ڪجھه لمحن لاءِ وري چُپ ٿي ويو، ڪجهه سوچيندي نظرون چورائيندي، ڏاڍي جهِيڻي لھجي ۾ چيائين، ”پر هي اشرافن جو پاڙو ڪونھي.“
”ڇا مطلب، مان سمجهيس نه يار.“
هُن هڪ عجيب تاثر جوڙيندي چيو، ”زمانن کان اسان جو گهر هتي آهي، سو يار مجبوري آهي رهان پيو، باقي هي پاڙو اشراف ماڻھوءَ جي رهڻ جھڙو ڪونھي. ايتري حيثيت ڪونه اٿم جو ڪنھن ٻئي جاءِ تي گهر وٺي سگهان. لاهور ۾ گهر وٺڻ ڪا سولي ڳالهه ڪونهي.“ 
” هيءُ گهر وڪڻي به ته ٻيو گهر وٺي سگهين ٿو؟“ 
”ها پر هيءُ گهر وٺندو ڪير؟ اصل ۾ دوست منھنجو پاڙو هيرا منڊيءَ سان لڳو لڳ آهي، سمجهه ته هيرامنڊي ئي آهي، هيرامنڊي جيڪا لاهور جو مشھور چڪلو...“
تعجب ٿيڻ سان گڏ مون کي ھڪ اڻ لکي خوشي ٿي، کِلي پيس، چيومانس، 
”چئبو ته جنھن هيرا منڊيءَ جو ٻُڌندا هئاسين، مان اُتي ئي ويٺو آھيان هِن وقت؟...ٽرين ليٽ نه ٿئي ھا ته سانجهيءَ کان اڳ ۾ پھچي وڃان ھا ته پھرين ته هيرا منڊي ڏسان ھا...!“
هن ٽھڪ ڏنو،”ها ها، ڇو نه، سڀاڻي توکي هيرامنڊيء ڏيکاريندس، جيترا ڏينھن ھتي آھين، روز پيو چڪر ڏجانءِ، ھونئن به ھيرا منڊي ھڪڙي ڏينھن ۾ گهمڻ کان گهڻي آھي“ 
ٻئي ڏينھن اسين جيئن هيرامنڊيءَ جي چڪر تي نڪتاسين ته گهٽين ۾ کيڏندڙ ڪجهه ٻا، ھِن کي ماما چئي وچڙي رهيا هئا، جنھن تي هُو کين پاڻ کان پري ڪندي، ڪاوڙ وچان دڙڪا ڏئي چئي رهيو هو، 
”جا پَران هَٽ، اوئي وڙڻ جوگي دا...ماما ھوئي گا تيرا پِيو...“
مون کي مشڪري سُجهِي، پڇيومانس، ”خوشنصيب آهين يار! پاڙي جا ٻار توکي مامو پيا چون، اسان وٽ ته ماڻهو مامو ٿيڻ لاءِ سِڪندا آهن.“ ھن ڪوبه جواب ڪونه ڏنو.
اُن لمحي مون کي منھنجو هڪ ٻيو حيدرآبادي دوست ياد اچي ويم، هڪ ڏينھن آفيس آيو ته ڏاڍو خوش هئو، منٽ ۾ چانھه پياريائين ۽ اصل خوشيءَ ۾ ماپيو ئي نه پئي، پڇيوهئومانس ته، 
”ڪھڙي ڳالھه آھي پيارا، اڄ ڏاڍو خوش آهين...“
هڪڙو ٿڌو شوڪارو ڀريندي، مُرڪي پيو ھئو ۽ چيو هئائين، 
”ها يار! بس نه پُڇ، اڄ ڏاڍو خوش آهيان، منھنجي سامھون واري گهر ۾ جيڪا اپسرا رهندي آهي نه، اُن جي ننڍڙي پُٽ مون کي ماما ڪري سڏيو، اُن لمحي هوءَ به بالڪني ۾ بيٺي هُئي، مون کِلي کيس پيار ڪيو ته هوءَ به مُرڪي پئي. بس يار اُن ڪنفيگريشن تي ڏاڍو خوش آهيان.“
مون کي ياد آيو ته مان جڏهن هڪ خانگي اداري ۾ ڪم ڪندو هئس ته اُتي وري هڪڙو ڪليگ روزانو باهه ٿيو ايندو هئو، سبب معلوم ڪبو هُئو ته چوندو هئو، ”يار! ڄڻ اسان ئي ٺيڪو کينو آهي سڀني جو مامو ٿيڻ جو، جھڙي مَھل ڏس، جتان گهٽيءَ مان گُذر ته هر ٻار رڳو پيو ماما ماما ڪندو، ماما ڳالهه ته ٻُڌ، ماما هي ڪم ته ڪر.....“
ايئن ئي هڪ ڏينھن اُهو ڪليگ به ڏاڍو خوش هئو، چانھه سان گڏ ڪيڪ به گهرايو هيائين، ايڏي مھربانيءَ جو سبب معلوم ڪيو هُئم ته چيو هئائين، 
”يار مس سالن کان پوءِ ڪنھن ٻار مون کي چاچا چيو آهي....“
مون ٽھڪ ڏنو هئو ته چيو هيائين، 
”ڏند ڪڍي کِل نه، اسان جي سامھون واري گهر ۾ نوان ڪِرائيدار آيا آهن، ڪِرائيدارپکي ڏاڍا سُھڻا آهن، اُهو ٻار هُئو ته الائي ڪھڙي پکيءَ جو ٻچو، پر اڄ صبح جيئن آفيس لاءِ نڪتس ته چيائين، ”چاچا، مون کي ٻاهرين روڊ تائين ته بائيڪ تي کڻي هل...“ 
مان پنھنجي خيالن ۾ ھئس ته منھنجي لاهوري دوست پڇيو، 
”ڏي خبر، مُوڊ آھي، شوق شغل ڪندين ڇا؟“ 
”پئسا ڪونھن ... منھنجو مطلب آھي ته واپسيءَ جي ڪرائي جيترا پئسا بچائڻا به اٿم.“ 
 منھنجي هڪ ڄاڻ سُڃاڻ واري آهي، اُن وٽ وٺي ٿو هلانءِ... اُھا ونھوار ۾ رعايت به ڪندي آھي... “
هڪ ڪلارڪ ماڻهو، ايڏي سُٺي آفر کي ڀلا ڪيئن ٿي رَد ڪري سگهيو، سو دير ئي نه ڪيم ۽ ها ڪيم. هُو سِڌو مختلف گهٽين مان ھلندو، هڪڙي عام قسم جي گهر ۾ وٺي هليو، جتي هڪڙي خوبصورت عورت ڀرٿ ڀريل پوش سان ڍڪيل صندل تي ويٺي هُئي، سندس ڀرسان هڪڙو ڇھن سالن جو ٻار به ويٺو هُئو، ان کي عورت چوڻ به ناانصافي ٿيندو، ھوءَ ته ويھن ٻاويھن ورھين جي ڇوڪري ھئي، ۽ ڇوڪري ڇا، ھوءَ ته صفا هيرا منڊيءَ جو نڪ هُئي.
مان ٿورو پرڀرو بيٺو ھئس، هُن ھلڪي لھجي ۾ ساڻس پنجابيءَ ۾ الائي ڇا ڳالهايو، هُوءَ مُرڪي پئي ۽ پوءِ کينچلي انداز ۾ مون کي ڏٺو، صندل تان اُٿي ۽ منھنجو هٿ ورتائين ۽ ڀرسان ئي ڪمري طرف هلڻ لڳي، ايتري ۾ ٻار صندل تان ٽپ ڏئي لٿو ۽ مون واري يار کي چنبڙندي چوڻ لڳو، 
”ماما جي، مينون خرچي دَي...“ مون واري يار ڳراٺڙي پائي، کيس پيار ڪيو، کيسي مان ڪجهه پئسا ڪڍي کيس ڏنائين ۽ نرم لھجي ۾ چيائين، ”ماما هوي تيرا پِيو...“ ۽ ٽِھڪ ڏئي کِلڻ لڳو. 
رات جو جڏهن ماني ويٺي کاڌيسين ته، مون کيس چيو، ”يار! تو واري واقف مائيءَ ته صفا وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو. اسان وٽ ته بازارُو مايون پنھنجي مرضيءَ جا پئسا وٺڻ باوجود، ڪنھن ڇِتِي ڪُتيءَ وانگر پيون ڏاڙھينديون آھن...“
هُن هڪڙو ٽھڪ ڏنو ۽ چيائين، 
”ڳالهه هتي به ساڳئي آهي، پر واسطيداريءَ جو لحاظ ته ھر ڌنڌي ۾ ٿيندو آھي. لاهورجي بازار حسن کي ڀلا، لکنوءَ جي بالا خانن وارا آداب ڪيئن ايندا؟ اَوَڌ جون تھذيب يافته طوائفون رڳو آداب ۽ اخلاق سان ماڻھوءَ کي پاڻي پاڻي ڪري ڇڏينديون هيون، تڏهن ته رئيس ۽ نواب مٿن پاڻيءَ وانگي پئسا وهائيندا هُئا.“
مون ھڪڙو ننڍڙو گرھ وات ۾ وڌو ۽ ٻيو گرھ ٺاھيندي پڇيومانس، 
” هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه آيم، تو اُن مائيءَ جي ٻار کي پيار ڪيو، جيتوڻيڪ هُن به توکي ماما چيو، اُلٽو تو ھن کي خرچي به ڏني... ڪاوڙ به ڪونه ڪيئه، جيئن پنھنجي گهٽيءَ ۾ ٻين ٻارن سان ماما چوڻ تي پئي ڪيئه...!“
هُن جي چھري تي ھڪ مختصر شام آئي ۽ گذري وئي. ڦِڪو ٿيندي هڪڙو ٽھڪ ڏنائين، 
”ها يار! اِها مائي منھنجي ڀيڻ ڪيل آهي...“
”هانءَ....“ منھنجي ھٿ ۾ جهليل مانيءَ جو گرھ ڪِري پيو، منھنجي مغز مان ٺڪاءُ نڪري ويو...
هُن منھنجي ويجهو ٿيندي چيو،
”ڀيڻ ڪيل آهي، ڀيڻ آهي ڪونه...“
مان حيرت وچان کيس ڏسڻ لڳس، هُن ڪمري ۾ هيڏانھن هواڏنھن ڏسندي آهستگي وچان چيو،
”اڙي چريا! زال جي خوف کان کيس ڀيڻ سڏيو اٿم، ٻيو سڀ ڪم پيو هلي...“
مون کي سمجھه ۾ نه پئي آيو ته مان ھن کي ڇا چوان، مون پاڻيءَ جو ڍُڪ ڀري چيو،”چئبو ائين آهي؟...“
هُن وڏو ٽھڪ ڏيندي چيو، ”بلڪل ايئن آهي، جيئن جتي ڪٿي آهي، ھر ھنڌ آھي، شھر ھجن يا ڳوٺ سنڌ ۾ به ته ايئن آھي...“
مون ٻيھر پاڻيءَ جو ھڪڙو وڏو ڍُڪ ڀريو، گرھ ھجي ھا ته ھيٺ لھي ھا، پر منھنجي نڙيءَ ۾ ته ڄڻ ڪو سوئر جي ٻُوٽيءَ سان گڏ بھتان جو ھڏو به ڦاسي پيو ھئو، چيومانس، 
”ڀيڻ ڪيل اٿئي يا ويھاريل، منھنجو ناس پِتو اُتي ڇو ھلي ٻوڙايئي، ڀت جي ديڳ جيترا لوٺيا ۽ اڻاسا ھر ھنڌ ھوندا آھن، پر سنڌي ماڻھو ڀيڻ ته ڀيڻ، دوست جي سُريت کي به ماءُ جيڏو مانُ ڏيندا آھن.“